گهوٽڪي ۾ ڏوهاري مارجي ويو، هڪ اهلڪار شهيد، 2 اهلڪار اغوا ٿيڻ جا اطلاع

گهوٽڪي(رپورٽ: عرفان علي سومرو)گهوٽڪي ويجھو قادرپور جي ڪاٺ پل ڀرسان پوليس ۽ رينجرز جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري امان الله سندراڻي مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جنهن کي پنهنجا ساٿي پاڻ سان گڏ کڻي فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنا جو  چوڻ آهي ته 4 ڏوهاري ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار هئا جن سان پوليس جو مقابلو ٿيو. مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ گبلو واسي امان الله عرف امنو پٽ راڻو سندراڻي طور ٿي آهي. ٻئي طرف پلاند ۾ ڌاڙيلن ڪچو بنڊي ٿاڻي جي پوليس پڪٽ نمبر 5 تي حملو ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شاهه علي سيال شهيد ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڌاڙيلن پهريان پوليس پيڪٽ جو گهيرو ڪيو ۽ پوليس تي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شاهه علي سيال موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 2 پوليس اهلڪار محمد خان گبول ۽ قيصر ڪلهوڙي کي اغوا ڪري سرڪاري هٿيار به پاڻ سان کڻي فرار ٿي ويا، هوڏانهن حملي ۾ مارجي ويل پوليس اهلڪار شاهه علي سيال جي ايس ايس پي آفيس ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.