قومي اسيمبلي اسٽينڊنگ ڪميٽيون 2 مهينا گذرڻ باوجود نه ٺهي سگهيون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ جي سورهين قومي اسيمبلي کي وجود ۾ آئي 2 مهينا گذري ويا آهن پر اڃا تائين اسٽينڊنگ  ڪميٽيون نه ٺهي سگهيون آهن. نئين قومي اسيمبلي 29 فيبروري تي حلف کنيو پر پارلياماني ڪارروائي، قانون سازي ۽ اهم معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيون اڃا تائين قائم نه ٿي سگهيون آهن. جڏهن ته اسٽينڊنگ ڪميٽين کي قانون سازي سميت وزارتن جي اهم پارلياماني معاملن جي نگراني ڪرڻي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ذريعن موجب اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ورهاست لاءِ ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن، اسٽينڊنگ ڪميٽين جوڙڻ جو معاملو ٻن ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن تي مشتمل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اڃا تائين نه ٺهي سگهي آهي، ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو آهي ته پي اي سي چيئرمين جو عهدو مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ڏيڻ جي روايت آهي ۽ ڪوشش ڪئي  ويندي ته هن روايت کي برقرار رکيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.