پي اي سي چيئرمين تي حامد رضا يا شير افضل؟پي ٽي آءِ مونجهاري جو شڪار

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي بابت مونجهاري جو شڪار آهي. ذريعن موجب تحريڪ انصاف شير افضل مروت بدران حامد رضا کي پي اي سي چيئرمين بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لطيف کوسي حامد خان کي پي اي سي چيئرمين نامزد ڪرڻ جي دعويٰ ڪري وري ترديد ڪئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسي چيو ته حامد خان جي تجربي کي نظر ۾ رکندي پارٽي چيئرمين پي اي سي لاءِ نالو تجويز ڪيو، پارٽي قيادت سوچي سمجهي فيصلو ڪيو هوندو. هن چيو ته حڪومت شيرافضل مروت کي رکڻ يا وٺڻ لاءِ تيار ناهي، توهان حڪومت جو رويو ڏٺو آهي، ان کانپوءِ نئون نالو آيو آهي، حامد خان کي وڌيڪ موزون سمجهيو ويو هو، تنهن ڪري نالو ڏنو ويو. لطيف کوسي چيو ته سياسي ڪارڪنن کي گڏ ڪرڻ ۾ شيرا فضل مروت جو ڪردار آهي، حامد خان کي سياست جو تجربو آهي پر شير افضل مروت کي پاسيرو ناهي ڪيو، معاملو وڌي وڃڻ بعد لطيف کوسي ترديد ڪئي ته حامد خان جو نالو غلطي ۾ کنيو، حامد خان ته سينيٽر آهي، جيڪو پي اي سي چيئرمين نه ٿو بڻجي سگهي. هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته پي اي سي سربراهي مخالف ڌر وٽ هوندي آهي، پارٽي باني پي اي سي لاءِ شير افضل کي مقرر ڪيو آهي، اهو ئي چيئرمين ٿيندو.  . ٻئي طرف سني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه حامد رضا چيو آهي ته   پي ٽي آءِ باني جيڪڏهن مون کي پي اي سي لاءِ نامزد ڪيو آهي ته سندس ٿورائتو رهندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.