اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۽ ايران جي صدرن ملاقات ڪندي گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي ايراني هم منصب ابراهيم رئيسي جو ايوان صدر پهچڻ تي استقبال ڪيو. صدر آصف علي زرداري غزه ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي غزه جي عوام تي اسرائيلي فوجي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان فلسطيني ڪاز جي مسلسل ۽ واضح حمايت جاري رکندو. ٻنهي صدرن غزه جي عوام تي اسرائيلي ظلم جي خاتمي ۽ انساني امداد وڌائڻ لاءِ عالمي ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.