عمران جي آزادي جو اشارو، پي ٽي آءِ باني ضد سبب نقصان کاڌو

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف  ڳالهيون ڪري ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي آزاد ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ باني ضد سبب نقصان کاڌو. ضمني چونڊن بابت سوال تي راڻا ثناءُ الله چيو ته 8 فيبروري کانپوءِ ن ليگ پنهنجي ڪمزوري ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جو ووٽر ٻاهر نه آيو. 2018ع جي چونڊن بعد اسان به اهي ئي ڳالهيون ڪيون، جيڪي هاڻ پي ٽي آءِ باني ڪري ٿو. باني پي ٽي آءِ ڪنهن سان ويهڻ لاءِ تيار ناهي. پي ٽي آءِ وارن جهڙا نمونا پارليامينٽ موڪليا آهن، ان سندس ووٽر مايوس آهن. آخري هفتي ۾ عمران کي مليل سزائن سان کيس فائدو ۽ سندس مخالفن کي نقصان ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.