پاڪ، ايران ۾ دهشت گرد تنظيمن تي پابندين تي اتفاق، واپار 10 ارب ڊالر وڌائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۽ ايران ۾ دهشتگرد تنظيمن تي بندشن ۽  واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ايراني صدر چيو آهي ته پاڪستان سان تاريخي لاڳاپا ڪير ٽوڙي نه ٿو سگهي. ايراني صدر جي دوري جي موقعي تي پاڪستان ۽ ايران ۾ واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. اسلام آباد ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي مفاهمت  جي يادداشت جي تقريب کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر ابراهيم رئيسي گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايران ۽ پاڪستان جا لاڳاپا رڳو 76 سالن کان ناهن پر پاڪستان کي سڀ کان اڳ ايران تسليم ڪيو. هن چيو ته غزا تي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن پر دنيا چُپ آهي، جڏهن ته ڪشمير لاءِ آواز اٿارڻ تي ايراني صدر جا ٿورائتا آهيون. ان موقعي تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي چيو ته غزا جي عوام جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، غزا بابت جرئتمند موقف تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي سلام هجي. سلامتي ڪائونسل غزا معاملي تي ذميواريون نه پئي نڀائي، غزا جي عوام کي هڪ ڏينهن انهن جو حق ۽ انصاف ملي ويندو. هن چيو ته دوست ۽ پاڙيسري ملڪ پاڪستان سان تاريخي لاڳاپا آهن، اهي لاڳاپا ڪير ختم نٿو ڪري سگهي، دوست ملڪن ۾ گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين، پاڪ – ايران واپاري ڪاٿو 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ايراني صدر پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته اڄوڪي ملاقات ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي تجارتي، سياسي ۽ ثقافتي هر سطح تي فروغ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. "اسان وٽ دهشتگردي ۽ منشيات جي خلاف جنگ سميت ڪيترن ئي معاملن تي گڏيل موقف آهن، جن ٻنهي ملڪن کي خطرو آهي، ۽ علائقائي، ٻه طرفي ۽ بين الاقوامي سطح تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي پهچ انساني حقن جي تعاون تي ٻڌل آهي. ايراني صدر چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي ۽ واپاري حجم قبول ناهي. پهرين مرحلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو حجم 10 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايراني عوام غير قانوني پابندين کي موقعي ۾ بدلائي ملڪ ۾ ترقي جي راهه کولي. ان کان سواءِ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ گڏيل آزاد اقتصادي زون اسپيشل اڪنامڪ زون جي قيام لاءِ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون، سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري ابرين افتخار ۽ ايران جي صدر جي صلاحڪار ۽ سپريم ڪائونسل آف فري ٽريڊ جي سيڪريٽري پڻ ملاقات ڪئي. صنعتي ۽ خاص اقتصادي زونز حجت الله عبدالمالڪي صحيحون ڪيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.