قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو ننڍي چونڊ ۾ مبينه ڌانڌلين خلاف احتجاج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر ميمبرن احتجاج ڪندي گوڙ ڪيو، جنهن تي اسپيڪر ڪاوڙجي پيو. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته ننڍين چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي  وئي، گجرات ۾ ڌانڌلي کي بي نقاب ڪرڻ تي صحافين تي تشدد ڪيو ويو. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب مطالبو ڪيو ته اسان جي ٻن ميمبرن جي رڪنيت معطل ڪئي وئي آهي، جنهن تي ٻيهر غور ڪيو وڃي. هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي، پوليس ۽ آر اوز قانوني اجازت باوجود اسان جي اميدوارن کي پولنگ اسٽيشنن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو. عمر ايوب چيو ته ايوان جي سربراهه جي حيثيت ۾ آئين ۽ اليڪشن جي قانونن جو تحفظ اسپيڪر جي ذميواري آهي. عمر ايوب وڌيڪ چيو ته حڪومتون اينديون رهنديون آهن، جيڪي اڄ هتي اپوزيشن ۾ ويٺا آهن اهي چئن مهينن کانپوءِ حڪومت ۾ اچي سگهن ٿا، ڇو ته پاڪستان ۾ ائين ٿيندو آهي. اپوزيشنپ پ اڳواڻ جي بيان تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي جي شڪايت اليڪشن ڪميشن وٽ ڪئي وڃي، هتي ڪجهه نه ٿو ٿي سگهي. عمر ايوب جي تقرير دوران مخالف ڌر جي ميمبرن جي احتجاج تي اسپيڪر ناراض ٿيندي چيو ته ايوان جو ماحول خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي ضرورت ناهي، ان لاءِ مخالف ڌر جا ميمبر ئي ڪافي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.