گئس ۽ بجليءَ جا گردشي قرض ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن: مصدق ملڪ

اسلام آباد (م ڊ ) پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته معيشت جي ترقي لاءِ سستي اگهه تي بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو، گئس ۽ بجلي جا گردشي قرض ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌائڻ جو واحد رستو روانگي واپار وڌائڻ آهي، معيشت جي ترقي لاءِ سستي اگهه تي بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي فراهمي کي يقيني بڻائڻو پوندو. بجليءَ جو گردشي قرض ملڪ کي تباهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بلوچستان ۽ ڪرڪ مان بل نه ڏنا ويندا ته پوءِ پئسا باقي ملڪ کي ڏيڻا پوندا. 2013 ۾ پاڪستان ۾ 16، 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي ان وقت ترقي جي شرح ٻڙي هئي. بجلي جي پيداوار وڌڻ سان ملڪي ترقي جي شرح به 6 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. مصدق ملڪ وڌيڪ چيو ته سڄي ملڪ ۾ 99 سيڪڙو ماڻهن وٽ بجلي ۽ 27 سيڪڙو ماڻهن وٽ گئس جا ڪنيڪشن آهن. هن چيو ته گئس جو کاتو مون وٽ ۽ بجلي جو اويس لغاري وٽ آهي. جڏهن مون کان رڳو گئس جو حساب ورتو وڃي ته ملڪ ڪيئن سڌرندو، ملڪ تڏهن سڌرندو جڏهن ڪابينا پاڻ کي ڪابينا سمجهندي، جڏهن صوبا ۽ وفاق پاڻ کي هڪ ملڪ سمجهندا آهن، جيستائين اسان پاڻ کي هڪ ايڪائي نه مڃينداسين ۽ ملڪ لاءِ ڪابينا جي طور تي نه سوچينداسين تيستائين مسئلا حل نه ٿيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.