اسلام آباد ۾ اهلڪار مٿان گاڏي چاڙهيندڙ عورت پڪڙ کان آجي

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ هڪ عورت موٽر وي پوليس اهلڪار مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي ۽ واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. موٽر وي پوليس ترجمان موجب واقعو پهرين جنوري تي پيش آيو هو ۽ عورت ڊرائيور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته عورت کي موٽر وي پوليس روڪيو ته ان جو اهلڪارن تان تڪرار شروع ٿي ويو. وڊيو ۾ عورت کي تيزي سان موٽر وي پوليس اهلڪار تي گاڏي چاڙهي فرار ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو. پوليس ذريعن موجب اڻڄاتل عورت خلاف راولپنڊي جي نصيرآباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، اڃا گرفتاري ناهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.