سڪرنڊ مان اغوا ٿيل نوجوان جو ٻوريءَ ۾ بند تشدد ٿيل لاش سم نالي مان هٿ

سڪرنڊ (رپورٽ: راج ڪمار اوڏ)سڪرنڊ کان 10 ڪلو ميٽر پري کڏھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ مظور آباد جي پورهيت هادي بخش خاصخيلي جي 23 ورهين جي ڳڀرو نوجوان امام بخش خاصخيلي جو ٻوريءَ ۾ بند تشدد  ٿيل لاش ڳوٺ علي خان بروهي وٽان سم نالي مان هٿ آيو آهي، لاش مقامي ڳوٺاڻن ڏسي کڏھر پوليس کي اطلاع ڪيو جن لاش ڪڍرائي تعلقي اسپتال سڪرنڊ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران لاش کي 2 ڏينهن پراڻو قرار ڏنو ويو. فوتي نوجوان جي والد هادي بخش خاصخيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس پٽَ دستي اسٽاپ تي موبائل جي دڪان تي ڪم ڪندڙ ھو 2 ڏينهن اڳ دڪان بند ڪري گهر اچي رهيو هو ته کيس ڳوٺ جي ٽن ڄڻن هر هڪ علي اصغر خاصخيلي، غلام سرور خاصخيلي ۽ انور علي خاصخيلي کيس اغوا ڪري ويا جن منهنجي پٽ تي تشدد ڪري مارڻ بعد لاش ٻوريءَ ۾ بند ڪري سم نالي ۾ لوڙھي ڇڏيو جيڪو ڪالهه پوليس ذريعي مليو آهي. هن اهو به چيو ته سندس پٽ جي گمشدگي تي هو کڏھر ٿاڻي تي پٽ جي اغوا جو  فرياد ڪرڻ ويو ته ايس ايڇ او کڏھر دانهن ٻڌڻ بدرانِ لاڪ اپ ڪري ڇڏيو جيڪڏھن کڏھر پوليس لاڪ اپ ڪرڻ بدران پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪري ها ته ٻچڙو قتل ٿيڻ کان بچي وڃي ها. هادي بخش خاصخيلي وڌيڪ ٻڌايو ته ايس ايڇ او کڏھر مون کان 21 هزار رپيا رشوت وٺي آزاد ڪيو جنهن بعد پنهنجي گم ٿيل پٽ کي تلاش ڪيم پر افسوس جو پٽ جو لاش مليو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته پوليس به قاتلن سان ٻٽ بڻيل آهي، مقتول جي والد اهو پڻ ٻڌايو ته ملوث جوابدارن تي پهرين ڏينهن شڪ هو، نوجوان جي موٽر سائيڪل به جوابدارن جي گهر اڳيان ملي آهي. هن ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو کي اپيل ڪئي ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.