خانپورمهر (رپورٽ: ميهرمهر )خانپورمھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻانھون گڏاڻي ڀرسان گڏاڻي ۽ پتافي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ زميني تڪرار ھڪ ڀيرو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو. جڏھن ته ڌرين وچ ۾ ھلندڙ فائرنگ سبب ڳوٺ لال پتافي جو رھواسي نوجوان وڪيل پٽ نظير پتافي گوليون لڳڻ ڪري موقعي تي ئي قتل ٿي ويو، مقتول نوجوان وارثن محمد حسن پتافي، پيربخش پتافي. نصير پتافي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته گڏاڻي ڌر سان زميني تڪرار ھلندڙ آھي جنھن تان مخالف گڏاڻي ڌر جي محمد گڏاڻي جي پٽن ساٿين سان گڏجي فائرنگ ڪري اسان جي نوجوان کي قتل ڪيو آھي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڌر جي طارق عزيز پٽ محمد گڏاڻي ۽ ٻين سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪندي چيو آهي ته 10 ڏينهن کان پتافي ڌر جا ماڻهو مورچا بند ٿي اسان مٿان فائرنگ ڪري رهيا آهن، جيڪو واقعو ٿيو آهي ان جو اسان مٿان ڪوڙو الزام لڳايو ويو آهي.