ڊيرا مراد جمالي ويجهو ٽرين جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 3 گهرڀاتي فوت

جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي)بلوچستان جي ڊيرا مراد جمالي جي سٽي ٿاڻي جي حد ڪڇي ڦاٽڪ وٽ اسرار احمد ڀنگر زال ياسمين  عرف امين خاتون ڀنگر ۽ سندس 10 ورھين جي ڌيءُ صائمه ڀنگر ۽ ماءُ سسئي خاتون ڀنگر سان موٽرسائيڪل تي پنھنجي ڳوٺ شاھنواز عمراڻي وڃي رھيو ھو بولان ميل ٽرين جي ٽڪر لڳڻ سبب زال ياسين عرف امين خاتون ڀنگر ڌيءُ صائمه ڀنگر سميت موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، سندس امڙ سسئي خاتون ڀنگر زخمي ٿي پئي اطلاع تي پوليس ۽ شھري پھچي فوتين ۽ زخمي کي چنگچي رڪشا تي ڊيرامراد جمالي جي ٽراما سينٽر پھچايو، جتي فوتين جا لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا ۽ زخمي عورت سسئي خاتون ڀنگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو، ھڪ ئي گھر جي 3 ڀاتين جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ڳوٺ ۾ سوڳ ڇائجي ويو، پوليس موجب مقتول اسرار احمد ڀنگر موٽرسائيڪل تي پنھنجي زال ياسمين عرف امين خاتون ڀنگر ڌيءُ صائمه، ماءُ سسئي ڀنگر سان ڊيرا مراد جمالي کان پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيو ھو ته ڪڇي ڦاٽڪ وٽ ڪوئٽه ويندڙ ٽرين بولان ميل جي ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿي ويا آھن ۽ سندس ماءُ سسئي ڀنگر زخمي ٿي پئي. ھوڏانھن آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.