پاڪ – ايران لاڳاپن ۾اڳڀرائي، ايراني صدر هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندو

اسلام آباد (م ڊ ) پاڪ – ايران لاڳاپن ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون آئي آهي جنهن تحت ايراني صدر ابراهيم رئيسي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پاڪستان جي دوري تي ايندو، ايراني صدر ابراهيم رئيسي پهريون پرڏيهي حڪومتي سربراهه هوندو جيڪو موجوده  پاڪستاني حڪومت جي ٺهڻ بعد پاڪستان جو دورو ڪندو، سفارتي ذريعن موجب، ايراني صدر ابراهيم رئيسي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 22 اپريل تي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچندو، ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري لاءِ ٻنهي ملڪن جي اختيارين وچ ۾ بنيادي معاملا طئي ٿي چڪا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايراني صدر پاڪستان جي دوري دوران صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو، ذريعن موجب، ايراني صدر پاڪستان جي دوري دوران ٻطرفن معاملن، پاڪ-ايران گئس پائيپ لائين سميت وچ اوڀر جي بلدجندڙ صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.