عيد ڏهاڙي اسرائيلي حملي ۾ زخمي ٿيل اسماعيل هانيا جي پوٽي شهيد

غزا ( م ڊ ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هانيا جي ننڍي پوٽي زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. عيد ڏهاڙي اسرائيلي حملي ۾ حماس اڳواڻ جي پوٽي ملڪ حنيه زخمي ٿي هئي.جڏهن ته ان حملي ۾ اسماعيل هانيا جا 3 پٽ ۽ پوٽا پڻ شهيد ٿي ويا هئا، اسرائيلي جهازن عيد ڏهاڙي غزا جي اتر اولهه ۾ شاطي پناهگيرن جي ڪئمپ ۾ اسماعيل هانيا جي پٽن جي ڪار کي نشانو بڻايوهو. اسماعيل هانيا کي سندس پٽن ۽ پوٽن جي شهادت جي خبر تڏهن ملي جڏهن هو پاڻ اسپتال ۾ غزا مان قطر پهتل زخمين جي عيادت ڪري رهيو هو. واضح رهي ته اسماعيل هانيا جو پوٽو ۽ پوٽي ان کان اڳ به اسرائيلي حملن ۾ شهيد ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.