اسلام آباد(م ڊ) ايراني سفير چيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيلي جهاز ۾ ڪو پاڪستاني آهي ته کيس برادرانه لاڳاپن تي آزاد ڪيو ويندو. ايران طرفان فراهم ڪيل اسرائيلي جهاز ۾ پاڪستاني عملي جي موجودگي واري معاملي تي ايراني سفير رضا مقدم جو چوڻ هو ته زوڊيڪ ڪمپني جهاز ۾ پاڪستاني موجود هجڻ جي تصديق جو انتظار ڪري رهي آهي. ايراني سفير جو چوڻ هو ته پاڪستاني پرڏيهي وزارت طرفان فراهم ڪيل معلومات گذريل ڏينهن تهران موڪلي وئي هئي. جيڪڏهن جهاز تي ڪو پاڪستاني آهي ته پوءِ قانوني گهرجن ۽ ڀائراڻا لاڳاپن تي آزاد ڪيو ويندو .