ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ عوام کي خوشخبريون ڏيندي ميرپورخاص ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ ۽ 19 اپريل کان پنڪ بس سروس جا 2 نوان روٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو.ڪراچي ۾ سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ھڪ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پنڪ بس سروس ۾ 10 نيون بسون شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي سينيئر شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پنڪ بس سروس جي نون روٽس جو افتتاح 19 اپريل تي ڪيو ويندو، ميرپورخاص جي عوام لاءِ 20 اپريل کان پيپلز بس سروس پڻ شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته ڪيش ليس آٽوميٽڊ فيئر ڪليڪشن سمارٽ ڪارڊ 25 اپريل کان لانچ ڪيو ويندو.هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ سستي ۽ آرامده بس سروس پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت جو ويزن آهي ۽ مضبوط ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪندو ۽ معاشي سرگرمين کي به ھٿي ملندي.
،هن هدايت ڪئي ته ٽرانسپورٽ جا منصوبا جلد مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي رليف ملي سگهي. ملاقات ۾ ٽرانسپورٽ جي مختلف منصوبن ريڊ لائين بي آر ٽي، گرين لائن، يلو لائين تي به خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي.