ڪراچي ۾ ڦورن هٿان لاش کڻي ٿڪجي پيا آهيون،وفاق مداخلت ڪري: ايم ڪيو ايم

ڪراچي(رپورٽر)متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ نسرين جليل چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڦورن جي يلغار ٿي آهي.لاش کڻي کڻي ٿڪجي پيا آهيون.عوام جي ڪاوڙ کي روڪڻ اسان جي وس ۾ ناهي،علي خورشيدي چيو ته اسٽريٽ ڪرائم کان ڪا به گهٽي محفوظ ناهي، هلندڙ سال ٽن مهينن ۾ 59 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، پوليس هتي مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي.هن چيو ته توهان 15 سالن کان حڪومت ڪري رهيا آهيو، توهان عبوري حڪومت تي بدامني جا الزام مڙهي رهيا آهيو،سنڌ حڪومت جي وزيرن کي پنهنجي بيانن تي معافي وٺڻ گهرجي.هن چيو ته  ته ڪراچي ۾ روزانو هڪ هزار کان وڌيڪ موبائيل فون چوري ٿين ٿا، پوليس ڪلچر سبب اڪثر ماڻهو ايف آءِ آر درج نٿا ڪرائين، هر سال 10 ارب 80 ڪروڙ رپين جا موبائل فون کسيا وڃن ٿا.امن امان جي صورتحال ٺيڪ آهي چوڻ وارن وزيرن کي شرم اچڻ گهرجي، قتل ٿيلن جي وارثن کان پڇيو وڃي ته انهن سان ڇا ٿي رهيو آهي،وفاقي سرڪار سنجيده ٿيڻ ۽ مداخلت ڪرڻ کان اڳ وڌيڪ لاش ڪرڻ جو انتظار ڪري رهي آهي؟

  1. ايم ڪيو ايم هميشه نفرت جي سياست ڪئي آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (رپورٽر )  سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شهر ۾ نفرت  جي سياست ڪرڻ وارا رڳو پنهنجي سياست ڪري رهيا آهن، متحده هميشه نفرت جي سياست ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مرتضيٰ وهاب چيو ته نفرت جي سياست ڪرڻ وارا سياسي اڪيلائي جو شڪار آهن، پيپلز پارٽي پنهنجي عوام سان مخلص ۽ سندن مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيده آهي، اسان فضول معاملن تي ڌيان ڏيڻ بدران عمل تي يقين رکون ٿا.مرتضيٰ وهاب چيو ته تنقيد جو مقابلو ترقياتي ڪمن سان ۽ امن جي بحالي سان ڪنداسين. سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پوليس ڪراچي مان ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪجهه جوابدارن کي پوليس مقابلن ۾ به ماريو ويو آهي.سنڌ حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته شهرين کان ڦرلٽ ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، ڪراچي کان ڪشمور تائين ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته اڄ به سنڌ جو گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ ڪشمور ۾ موجود آهن، پوليس ۽ رينجرز ڪچي جي ڌاڙيلن، پڪي جي اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف ڪارروائي ڪري رهي آهي.

  1. متحده وفاق کي مداخلت لاءِ ڇو پئي سڏي: ناصر شاهه

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر  حسين شاهه چيو آهي ته ڏوهارين جي ڪا به ٻولي، مذهب يا قوميت ناهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ ناصر شاهه چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.هن چيو ته متحده جو چوڻ آهي ته فلاڻي ٻولي ڳالهائڻ وارا ڏوهه ڪري رهيا آهن، اها نفرت جي سياست جو مظهر آهي.هن چيو ته ماضي ۾ متحده ڪراچي آپريشن جو مطالبو ڪيو ۽ آپريشن دوران سڀ کان وڌيڪ گوڙ به انهن ئي ڪيو،متحده کي اهڙو مطالبو نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان هو ئي  متاثر ٿين.

  1. ڪچي ۾ ڌاڙيلن وٽ جنگي هٿيار موجود آهن: ضياء الحسن لنجار

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي/ عرفان کوسو) ڪنڌڪوٽ ڪشمور، گھوٽڪي، شڪارپور ضلعن ۾ ڏوھارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن  ڪرڻ لاءِ سنڌ پوليس جي آفيسرن سان سنڌ جي گھرو وزير جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار  چيو ته ڪچي ۽ پڪي ۾ ڏوھارين ۽ سندس سھولتڪارن خلاف پوليس جو آپريشن، ڏوھارين جي خاتمي ۽ امن جي بحالي تائين جاري رھندو قبيلائي جھيڙن جي خاتمي لاءِ سردارن جي گڏجاڻي ڪنداسين، صوبائي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايس ايس پي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هتي سينئير پوليس آفيسرن آءِ جي سنڌ سان وڌندندڙ بدامني بابت  سينيئر آفيسرن سان ميٽنگ ڪئي آھي، ڪشمور، شڪارپور، گھوٽڪي ضلعن ۾ ڏوھارين خلاف حڪمت عملي جوڙيو آھي ڪوشش آھي ته امن ٿئي، پھرين گڏجاڻي آھي، ڪچي ۾ ڏوهارين وٽ جديد ھٿيار جديد آهن جيڪي شرپسند پوليس ۽ عام ڳوٺاڻن مٿان استعمال ڪري رهيا آهن ڪچي ۾ ڏوهارين وٽ اهي هٿيارن آهن جيڪي جنگن ۾ استعمال ٿيندڙ ھٿيار آھن، اسان به جديد ھٿيار خريد ڪيون پيا، امن امان بھتر آھي.حڪمت عملي ٺاھي آھي ڪچي ۾ پناهه ورتل ڌاڙيلن خلاف آپريشن هلي رهيا آهن ڌاڙيلن شرپسند سرينڊر ڪن ٻي صورت ۾ بچي نه سگھندا، صوبائي گهرو وزير چيو ته ڪچي ۾ رهندڙ ڌاڙيل پيش ٿين قانوني گھرجون پوريون ڪيون وينديون، ضرور ڪجهه ٽائيم لڳندو ڏوھارين جو خاتمو ٿيڻوآھي، ڪراچي ۾ نگران حڪومت دوران بگاڙ آيو. ان کي بھتر بڻائڻ لاءِ ڪوشش ڪيون پيا.اسٽريٽ ڪرائم ختم ڪرائينداسين، قبائلي جھيڙن جي خاتمي لاءِ سردارن سان ڳالھايو آھي جلد گڏجاڻي به گھرائي انهن ۾ ٺاهه ڪرايو ويندو، سبزوئي گينگ خلاف ڪاروائي جاري آهي پوليس ڪچي ۾ موجود آھي،ڪچي ۾ ڏوهارين جا ھڪ يا ٻه گينگ نه آھن ڪچي ۾ موجود مختلف ڏوهاري گينگز ختم ڪرڻ لاءِ ڪجه وقت لڳندو، صوبائي گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪچي جي سرڪاري زمين تي پوکيل فصل تحويل ۾ ورتو ويندو،

  1. ڪراچي ۾ عيد رات فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پيرسن فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي سائيٽ سپر هاءِ وي تي عيد رات ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پيرسن 6 ڏينهن کانپوءِ علاج دوران فوت ٿي ويو، 9 اپريل تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 60 ورهين جي وسيم الرحمان کي زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪو 6 ڏينهن کان اسپتال ۾ هو، جيڪو سومر جي صبح اسٽيڊيم روڊ تي نجي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو،

مقتول وسيم الرحمان گلشن مين سيڪٽر Y-3 جو رهواسي هو، مقتول پنهنجي گهرواري سان گڏ چنڊ جي رات گلشن مري سيڪٽر Y-3 وڃي رهيو هو ته سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد انڊسٽريل ايريا ۾ سندس ڪار کي روڪيو ويو ۽ فائرنگ ڪئي  جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو هو، واضح رهي ته هلندڙ سال شهر ۾ ڦرن جي وارداتن ۾ مارجي ويل شهرين جو انگ 62 ٿي ويو.

  1. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ کي سرڪاري بااثر ڌرين جي سرپرستي حاصل آهي: لال جروار

حيدرآباد (رپورٽر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سرتاج چانڊيو ۽ حسنه راهوجو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ قائم ڌاڙيل راڄ کي سرڪار جي بااثر ڌُرين جي سرپرستي حاصل آهي، پريا ڪماري جي آزادي لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي اڃا تائين ڪوبه ٻوٽو ٻاري ناهي سگھي، گهرو کاتي جي جوڙيل جي آءِ ٽي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪي به عملي قدم ناهن کنيا، پريا ڪماري کي اغوا ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل بااثرن بابت جي آءِ ٽي ڪا به جاچ ناهي ڪئي،

سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي معاملي تي اعليٰ عدالتي جاچ ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا مڪمل جاچ ڪري ته ڌاڙيلن جا سرپرست ڪير آھن، ڌاڙيلن کي جديد ھٿيار ڪير ٿو پھچائي، مغوين جي مائٽن کان لکين روپيا ڀنگ وٺي ڌاڙيلن کي پئسا پُھچائيندڙ ڪير آھن، آءِ جي سنڌ جي دورن جي باوجود ڪي به اثرائتا نتيجا ناهن مليا، پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران پرامن ڳوٺن ۾ ڌاڙيلن وانگر داخل ٿي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري ٿي ۽ بيگناهه ماڻھن کي کنڀيو کنيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪيو وڃي، ايماندار ۽ فرض شناس پوليس آفيسر مقرر ڪيا وڃن، پوليس کاتي ۾ سياسي دٻاءُ جو خاتمو آندو وڃي ۽ سفارشي ڪلچر ختم ڪيو وڃي، پريا ڪماري سميت سمورا مغوي ڌاڙيلن کان آزاد ڪرائي سنڌ ۾ امن و امان بحال ڪيو وڃي.

  1. سازش تحت سنڌ جو امن تباهه ڪيو پيو وڃي:ايس يو پي

ڄامشورو/حيدرآباد (پ ر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو باڊي جو اجلاس پارٽي جي صدر سيد زين شاھ جي صدارت  هيٺ جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي ٿي گذريو، اجلاس ۾ روشن علي ٻرڙو، امير آزاد پنهور، عارف نياز آرائين، منير نائچ، جڳديش آهوجا، انعام ڀٽي، رمضان ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، خواجه نويد امين، مختيار ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ ۾ امن امان جي خراب ٿيل صورتحال کي انتهائي ڳڻتي جوڳي قرار ڏيندي چيو ويو ته چوريون، قتل، اغوا ۽ ڀنگ جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن، پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، هڪ سازش تحت سنڌ جو امن تباھ ڪيو پيو وڃي،

سنڌ جي ڪا گھٽي ۽ پاڙو محفوظ ناهي، پيپلز پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبر ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن، اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ حڪومت جي سرپرستي ۾ سنڌ جي زمينن، پارڪن ۽ اسڪولن  تي قبضا جاري آھن، سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪري سنڌ جي رھواسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جنھن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

  1. سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ لاءِ هٿ سان بدامني پيدا ڪئي پئي وڃي: رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جو اجلاس رياض علي چانڊيو جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي ورسي 25 اپريل تي سن ۾ گڏيل طور ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري جسقپ چيئرمين نواز خان زئور، جست صدر سورھيـ سنڌي نواز شاهه ڀاڏائي فتاح چنا۽ ٻيا شريڪ ٿيا اجلاس ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي گھر تي حملي دوران کيس کنڀڻ جي ڪوشش واري واقعي جي مذمت ڪندي ان کي غنڊا گردي قرار ڏنو ويو، اجلاس ۾ ڳالھائيندي رياض علي چانڊيو چيو ته سنڌ کي بدامني جي جنھن آڙاھ ۾ اڇلايو ويو آھي ان جي پٺيان ڪچي جي زمين تي قبضي ڪرڻ ۽ سنڌ جون زمينون ڦٻائڻ جي سازش شامل آھي.

، سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌ جا وسيلا ڦٻائڻ جون ڪوششون ٿي رھيون آهن، ارسا پنچاب جي حق ۾ فيصلا ڏئي رھي آھي ارسا 1991 کان وٺي جانبردار آھي ارسا تي پنجاب جو تسلط آھي اھو پاڻي چورائي رھيو آھي، ارسا جي ڪا به آئيني باڊي واري حيثيت ناھي، اجلاس ۾ پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو.

  1. گهرو وزير شڪارپور پهتو،واپارين پاران بدامني جون شڪايتون

شڪارپور (رپورٽ: ذوالفقار مگسي) صوبائي گهرو وزير ضياءالحسن لنجار، آءِجي سنڌ غلام نبي ميمڻ ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين اعلي پوليس  عملدارن سان گڏجي ايس ايس پي آفيس شڪارپور پهتو، ۽ ضلعي ۾ امن امان جي بگڙيل صورتحال تي  ايس ايس پي شڪارپور عرفان سمون کان بريفنگ ورتي،گڏجاڻي بعد صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيوته ڏوهارين جو خاتمون يقيني بڻائينداسين ڪشمور ۾ ڏوهارين جا ٿاڪ ساڙيا آهن جلد شڪارپور ضلعوبه پاڪ ڪنداسين،هن چيوته پرياڪماري جي بازيابي لاءِ جاچ ڪميٽي جوڙي آهي اگر هوءَ زندهه آهي ته جلد پتو لڳائينداسين اگر خدانخواسته هوءَ مري چڪي آهي ته تڏهن به ان جي تصديق ڪئي ويندي،ٻئي طرف گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ اقليتي برادري جي وفدن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌا ،ان موقعي تي بدامني جون دانهون ڪيون ويون،صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو، ايم پي اي امتياز شيخ، ڊي آءِ جي ناصر آفتاب،  جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي تنوير تنيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ٻئي پاسي  ضيا الحسن لنجار چيو آهي ته ڪچي وارن علائقن ۾ پوکيل غير قانوني فصلن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويندو سنڌ جي سمورن سرحدي علائقن تي سمارٽ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ لاءِ قدم کنياوڃن، گهرو وزير جي صدارت هيٺ شڪارپور ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال ۽ ان حوالي سان پوليس جي حڪمت عملي ۽ پلان آف ايڪشن تي پوائنٽ ٽو پوائنٽ غور ويچار ڪيو ويو ۽ تجويزن جي روشني ۾ وڌيڪ حڪم جاري ڪيا ويا. اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان علاوه ڊي آءِ جيز لاڙڪاڻو، سکر ۽ لاڳاپيل ايس ايس پيز پڻ شرڪت ڪئي،گهرو وزير چيو ته شهرين کي لالچ، سستي گاڏين جي وڪري ۽ هني ٽريپ ۽ اغوا کان پوءِ ڀنگ جي وارداتن کان بچائڻ لاءِ باقاعدي ميڪنزم تحت انتهائي مربوط ۽ موثر قدم کنيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته ڪشمور/ ڪنڌڪوٽ جي ڊسپوزل لاءِ 1000 اهلڪار ۽ شڪارپور جي ڊسپوزل لاءِ 1000 پوليس اهلڪار فراهم ڪيا وڃن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.