سعودي عرب جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي، وفد پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد (م ڊ ) سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي وفد پاڪستان پهچي ويو.
پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستان پهچڻ جي آجيان ڪئي، وزيراعظم جي سعودي عرب دوري جي هڪ هفتي کانپوءِ سعودي عرب جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان آيو آهي، جنهن ۾ ماحوليات وارو وزير، پاڻي ۽ زراعت وارو وزير، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو وزير شامل آهن.

وفد ۾ سيڙپڪاري لاءِ سعودي فنڊ، رائل ڪورٽ، ٻين شعبن جون شخصيتون ۽ اعليٰ اختياريون به شامل آهن.سعودي وفد صدر، وزيراعظم، آرمي چيف، پرڏيهي وزير، صنعت ۽ واپار، زراعت، معدنيات، توانائي، موسمياتي تبديلي، آبي وسيلن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪندو.سعودي وفد سيڙپڪاري جي ايندڙ مرحلن ۽ عملدرآمد جي معاملن تي مشاورت ڪندو، سعودي عرب جي زراعت، واپار، توانائي، معدنيات، آءِ ٽي، ٽرانسپورٽ ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچپسي آهي، جڏهن ته دوري ۾ ريڪوڊڪ منصوبي ۾ سعودي سيڙپڪاري جا معاملا غور هيٺ ايندا.

  1. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي ( م ڊ )  پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن ڪاروبار جو مثبت ڏينهن رهيو جتي 100 انڊيڪس تاريخ جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو،عيد جي موڪلن کانپوءِ پهرين ڏينهن ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس منفي رجحان سان ڪاروبار شروع ڪيو، ڪاروباري ڏينهن تي انڊيڪس جي ريڊنگ 70 هزار کان هيٺ 69 هزار 914 جي سطح تي هئي،

جڏهن ته 100 انڊيڪس 229 پوائنٽس جي واڌ سان 70 هزار 544 پوائنٽس تي ڪاروبار ختم ڪيو. ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس 694 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 55 ڪروڙ 52 لک رپين جي شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جيڪو هلندڙ سال 11 جنوري کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته ڪاروبار جو ڪاٿو 21 ارب 98 ڪروڙ رپيا رهيو. مارڪيٽ سرمائيداري اڄ 64 ارب رپيا وڌي وئي آهي ۽ مارڪيٽ سرمائيداري 9 هزار 824 ارب رپيا آهي.

  1. عدت ڪيس:خاور مانيڪا جو  وڪيل نه اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، ٻڌڻي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشرا بي بي جي عدت نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف داخل اپيلن جي ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شاهه رخ ارجمند ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي باني وڪيل سلمان اڪرم راجا ۽ خاور مانيڪا جي وڪيل رضوان عباسي جي پيش نه ٿيڻ تي جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو پيش نه ٿيو ته اڄ ئي فيصلو ڪيو ويندو. عدالت ٿوري دير لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ڪارروائي ٻيهر شروع ٿيڻ تي به خاور مانيڪا جو وڪيل نه آيو، سندس جونيئر عدالت کي آگاهه ڪيو ته راجا رضوان عباسي سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي، عدالت 11:30 جو وقت مقرر ڪندي وارننگ ڏني آهي ته هو اڄ نه آيو ته فيصلو ڪندس. وقفي کانپوءِ ٻڌڻي ٻيهر شروع ٿي ته پي ٽي آءِ باني جو وڪيل سلمان اڪرم راجا، بشرا بي بي جو وڪيل عثمان گل ۽ پراسيڪيوٽر عدنان علي  عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب، خالد خورشيد به عدالت ۾ پيش ٿيا. ڪورٽ وقفي کانپوءِ به درخواستگذار خاور مانيڪا جو وڪيل رضوان عباسي عدالت ۾ پيش نه ٿيو. جنهن تي بشرا بي بي جي وڪيل عثمان گل چيو ته اڄ جي ڪارروائي کي عدالتي حڪم جو حصو بڻايو وڃي. بعد ۾ عدالت عدت نڪاح ڪيس ۾ داخل اپيلن تي ٻڌڻي هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته پراسيڪيوشن ان ڪيس مان ڀڄي رهي آهي، عيد کان هڪ ڏينهن اڳ پراسيڪيوٽر سٺو بيان ڏنو ۽ پوءِ کيس بدلي ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي باني، شاهه محمود، پرويز الاهي، بشرا بي بي سميت سمورن اڳواڻن جي ڪيسن ۾ ڪجهه به ناهي. عمر ايوب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جو لکيل خط اسان جي نظام تي چارج شيٽ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.