آصفه قومي اسيمبلي رڪنيت جو حلف کڻي ورتو، مخالف ڌر جو گوڙ

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ نئين چونڊيل ميمبر آصفه ڀٽو زرداري ايوان جي رڪنيت جو حلف کڻي ورتو. اسپيڪر اياز صادق آصفه  کان حلف ورتو ۽ حلف کڻڻ کانپوءِ کيس مبارڪباد به ڏني. حلف کڻڻ کانپوءِ آصفه زرداري رول آف ميمبرز تي صحيحون به ڪيون. صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي صدارتي چيمبر ۾ آصفه ڀٽو جي حلف برداري جي تقريب کي سڌو سنئون ڏٺو. گيلري ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگٽي، بختاور ڀٽو ۽ فريال ٽالپر سميت وڏي انگ ۾ مهمان موجود هئا. حلف برداري جي موقعي تي سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا، پ پ آزاد ڪشمير جو چوڌري ياسين به اسيمبلي گيلري ۾ موجود هئا. قومي اسيمبلي جي ميمبر شپ جو قسم کڻڻ کانپوءِ آصفه ڀٽو پنهنجي ڀيڻ بختاور ڀٽو سان گڏ گيلري ۾ پهچي وئي.   آصفا جي حلف برداري دوران سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي، حڪومتي ميمبر ايوان مان هليا ويا، جڏهن ته پ پ ميمبر به ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. ان دوران سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن ڪورم پورو نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي، جنهن تي اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.