سپريم ڪورٽ پاران سنڌ پوليس جي اهلڪارن جو ڪيڊر تبديل ڪرڻ جو فيصلو رد

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس جي ڪيڊر جي بدلي وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ سنڌ پوليس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) پوليس آفيسرن جي ڪيڊر جي بدلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس حسن اظهر رضوي جي سربراهي ۾ بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته انهن ملازمن کي سنڌ پوليس ۾ رکيو وڃي ۽ ترقيون ڏنيون وڃن. ٻڌڻي دوران ملازمن جي وڪيل چيو ته پوليس ٿاڻن ۾ 20 سالن جي ڪم کانپوءِ ملازمن کي نان يونيفارم ( بنا وردي) ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس ۾ جي آءِ ٽي ڪيڊر کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان ٻين ملازمن سان گڏ ڪيس جي ٻڌڻي به متاثر ٿي آهي. ان تي جسٽس حسن اظهر رضوي چيو ته انهن ملازمن مان اڪثر پوليس ٿاڻن ۾ نوڪريون حاصل ڪيون آهن، ملازمن کي هاڻي عام آفيسرن جي طرز تي ڪم ڪرڻ جو تجربو آهي. عدالت فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته 20 سالن جي سروس کانپوءِ ڪيڊر تبديل ڪرڻ ۽ نان يونيفارم نه ڏيڻ سان ئي نقصان ٿيندو. ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي سنڌ پوليس ٻڌايو ته پوليس ۾ رڳو ٽي ڪيڊر آهن، ايگزيڪيوٽو، ٽي اينڊ ٽي ۽ قانوني، انهن ملازمن کي ٽي اينڊ ٽي ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته توهان نه صوبو سنڀالي سگهو ٿا ۽ نه ئي پنهنجو ادارو سنڀالي رهيا آهيو. ٻڌڻي ۾ ملازمن جي وڪيل چيو ته 20 سال اڳ ڀرتي ٿيل اي ايس آءِ اڄ انسپيڪٽر بڻجي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.