برساتي نقصان جا تفصيل طلب، ٻيا صوبا پنجاب وانگر بجلي چوري روڪين: وزيراعظم

اسلام آباد(م ڊ)  وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته برساتن سبب ٿيل نقصان جي حوالي سان نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. پاور سيڪٽر جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جو پهريون سيڪٽرل جائزو آهي، معيشت تي ڪيترائي اجلاس ٿي چڪا آهن، پاور ڊويزن جو پهريون سيڪٽرل جائزو آهي، ڊيم کي ڀرينداسين. انهن برساتن ۽ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور ۾ ته فائدو ته ٿيندو پر هن برسات ۾ جاني نقصان به ٿيو آهي. هن چيو ته اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جتي به ضرورت هجي اتي امدادي سامان پهچايو وڃي. شهباز شريف چيو ته اڄ سڀ کان پهريون ڪم بجلي چوري کي روڪڻو آهي. مون کي خبر پئي آهي ته پنجاب ۾ ان حوالي سان تمام سٺو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، مون کي يقين آهي ته ٻيا صوبا به ان تي ڪم ڪندا. وزيراعظم چيو ته اسان جو سسٽم، ٽرانسميشن لائينون تمام خراب حالت ۾ آهن، جيڪي به ڪوششون ڪيون پيون وڃن اهي گهٽ آهن. ان کان سواءِ ڀلي ڪيتري به بجلي پيدا ڪري سگهجي، پر جيڪڏهن ٽرانسميشن سٺي نه هجي ته پوءِ ان جو ڪو فائدو ناهي. وزيراعظم چيو ته سرپلس بجلي جي گھٽ قيمت تي ڪجهه ڪري سگهجي ٿو ۽ اڄ هائيڊرو پاور جي ترقي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ چيئرمين واپڊا ديامير ڀاشا جي تجويز تي به غور ڪيو ويندو ڇو ته آخرڪار سڀني کي ٻيهر رينيويبل تي اچڻو آهي. توانائي، هي مافيا جيڪا ملڪ ۾ ٽينڪر مافيا آهي، هن ملڪ جي دولت کي لٽي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.