ملت ايڪسپريس مان ٽپو ڏيندڙ عورت جي قتل جو الزام، تشدد ڪندڙاهلڪار ٻيهر گرفتار

حيدرآباد/ فيصل آباد (رپورٽر/ م ڊ) ملت ايڪسپريس مان مبينا طور ٽپو ڏئي آپگهات ڪندڙ عورت جي وارثن الزام هنيو آهي ته مريم کي پوليس اهلڪار تشدد ڪري قتل ڪيو آهي. واضح رهي ته 7 ۽ 8 اپريل جي وچين رات مريم بي بي نالي عورت ٻارن سان گڏ ملت ايڪسپريس ۾ ڪراچي کان فيصل آباد وڃي رهي هئي، سفر دوران عورت تي پوليس اهلڪار تشدد ڪيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ تقريبن صبح ساڍي 6 وڳي عورت جو لاش هٿ آيو. عورت تي ٻارن سامهون تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، جيڪا هڪ مسافر رڪارڊ ڪئي هئي. وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ريلوي اختياريون حرڪت ۾ آيون ۽ ريلوي ترجمان بيان ۾ چيو هو ته عورت هلندڙ ريل تان ٽپو ڏنو. مريم بي بي جي ڀاءُ محمد افضل صحافين کي ٻڌايو ته سندس ڀيڻ ٻارن سان گڏ ملت ايڪسپريس تي ڪراچي کان فيصل آباد جو سفر ڪري رهي هئي، 8 اپريل تي فون آئي، فون ڪندڙ پنهنجو واسطو بهاولپور پوليس سان ٻڌايو ۽ چيو ته چني ڳوٺ وٽ مريم بي بي نالي هڪ عورت هلندڙ ريل مان ٽپو ڏنو آهي. محمد افضل موجب اسان حادثو سمجهي هڪ ڏينهن پوءِ 9 اپريل تي ڳوٺ ۾ پنهنجي ڀيڻ جي جنازي نماز ادا ڪئي ۽ کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو، تدفين جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ئي هڪ دوست وڊيو شيئر ڪئي، جيڪا مريم جي آهي، وڊيو ڏسڻ کانپوءِ ساڻس گڏ سفر ڪندڙ ٻارن کان پڇيو ته انهن واقعي بابت ٻڌايو. هن الزام هنيو ته اهلڪار اسان جي ڀيڻ تي تشدد ڪري کيس قتل ڪري لاش ٽرين مان اڇلائي ڇڏيو. عورت جي ڀاءُ الزام هنيو ته پوليس اهلڪار مريم سان زيادتي ڪئي ۽ کيس قتل ڪري لاش ٽريڪ تي اڇلائي ڇڏيو. ان کان علاوه عورت جي ڀائٽي غالب حماد به پنهنجي بيان ۾ چيو ته مان ان وقت پڦي سان گڏ هئس، هوءَ وڏي آواز ۾ تلاوت ڪري رهي هئي، جنهن تي پوليس اهلڪارن شور مچايو ۽ اسان تي تشدد شروع ڪري ڇڏيو ۽ اسان کي ايندڙ اسٽيشن تي بيهاري ڇڏيو . هن وقت تائين ڪا به سرڪاري تصديق نه ٿي سگهي آهي تھ ريلوي ٽريڪ تان هٿ آيل لاش  مريم بي بي جو آهي يا ڪنهن ٻئي جو، تصديق نه ٿي سگهي آهي.  7 اپريل جي رات ٽرين ۾ تشدد جو واقعو پيش آيو، جڏھن عورت 8 اپريل تي ٽرين مان ٽپو ڏنو ۽  15 اپريل تي سندس  لاش هٿ آيو.

ياد رھي تھ ڪراچي ۾ بيوٽي ​​پارلر جي ملازم،  فيصل آباد جي علائقي جڙانوالا جي چوڪ 40 موري جي رهواسي 30 ورهين جي مريم بي بي عيد ملھائڻ لاء وڃي رھي ھئي تھ کيس سفر دوران ريلوي اهلڪار مير حسن تشدد ڪيو، سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد آءِ جي ريلوي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

  1. جاچ ڪميٽي قائم، اهلڪار معطل ڪري لائن حاضر ڪيو آهي: ريلوي پوليس

حيدرآباد(رپورٽر) ڪراچي کان حيدرآباد ايندڙ ملت ايڪسپريس ۾ عورت تي تشدد ڪندڙ اهلڪار مير حسن کي سسپينڊ ڪري ڪراچي لائين حاضر ڪيو ويو آهي, جڏهن ته  ٽرين ۾ موجود ٻن ٽي سيز کي به جاچ لاءِ لاهور گهرايو ويو آهي.  7 اپريل تي ڪراچي کان حيدرآباد ايندڙ ملت ايڪسپريس ۾ عورت تي تشدد ڪندڙ اهلڪار مير حسن جي گرفتاري بعد ضمانت ملندي ئي کيس سسپينڊ ڪري لائين حاضر ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ريلوي حيدرآباد جو چوڻ آھي تھ ھلندڙ ٽرين ۾ عورت تي تشدد ڪندڙ اهلڪار حيدرآباد ۾ مقرر ھيو، جنھن کي ڪراچي کان ايندڙ ملت ايڪسپريس ۾ عورت کي تشدد جو نشانو بڻائڻ تي گرفتار ڪيو ويو، جنھن کي ضمانت بعد سسپينڊ ڪري ڪراچي لائين حاضر ڪيو ويو آھي.

ھن چيو ته واقعي جي اعلي سطحي جاچ ھلندڙ آھي، جنھن تحت ٽرين ۾ ان وقت ڊيوٽي ڏيندڙ ٻن ٽي سيز غلام علي ۽ حاجن کي ريلوي ھيڊ ڪوارٽر لاھور گھرايو ويو آھي. ھن چيو تھ ميڊيا ۾ عورت جي خودڪشي يا قتل جون خبرون ھلن پيون جنھن بابت کيس ڪابھ ڄاڻ ڪونھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.