اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب وفد سان گڏ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي ٿينديون. پاڪستان نئين قرض پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف کي درخواست ڪندو. نئين قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس کان پوءِ ٿينديون . ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي آءِ ايم ايف جَي ايم ڊِي سان ملاقات جو امڪان آهي.
-
اسرائيل تي ايراني حملو جائز دفاعي عمل آهي: افغان حڪومت
ڪابل(م ڊ) افغانستان جي طالبان سرڪار اسرائيل تي ايراني حملي جي حمايت ڪندي ان کي جائز قرار ڏنو آهي. افغان پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ ايران پاران اسرائيل تي حملي کي صحيح قرار ڏنو آهي.
افغان پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته شام ۾ ايراني قونصل خاني تي حملي جو ايران جو جواب جائز دفاعي عمل آهي. افغان پرڏيهي وزارت موجب اپريل ۾ ايراني قونصليٽ تي اسرائيلي حملو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.افغان پرڏيهي وزارت چيو آهي ته دنيا کي ڇڪتاڻ وڌڻ کان روڪڻ لاءِ صهيوني رياست جا ڏوهه بند ڪرڻ گهرجن.