ميان صاحب ڀرسان آپگهات ڄاڻايل ناري کي ڪارنهن الزام ۾قتل ڪرڻ جو انڪشاف

ميان صاحب ( ن ع آ ) جاڳڻ ڀرسان جهان واهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهه پسند مغيري ۾ هڪ ڏينهن اڳ 17 ورهين جي ناري فرزانا ڌيءَ الهڏنو مغيري جي وارثن پاران آپگهات ڄاڻايل واقعي جي جهان واهه پوليس پوسٽ مارٽم  جي رپورٽ اچڻ بعد ۽ علائقي مان جاچ ڪرڻ بعد آپگهات کي رد ڪندي ناري کي سندس پيءُ ، ڀاءَ ۽ ٻين گھر ڀاتين جوابدارن طرفان ڪارنهن الزام ۾ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي جهان واهه پوليس ناري فرزانا مغيري جي قتل ڪرڻ جو ڪيس سرڪار پاران پوليس جمعدار محمد قاسم ڪورائي جي فرياد تي مقتولا ناري جي ڀاءَ محمد ياسين ، پيءُ الهڏنو ، محمد صلاح ، سلطان احمد ۽ علي بخش مغيري خلاف داخل ڪري ورتو آهي پوليس ناري جي قتل ڪيس ۾ ٻن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آهي .پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي گهرڀاتين معاملي کي لڪائڻ لاءِ آپگهات جو رنگ ڏنو، جاچ بعد خبر پئي ته قتل ڪيو ويو، واقعي جو 5 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو، 2 جوابدار گرفتار ڪيا آهن، ٻين کي به گرفتار ڪيو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.