مريم نواز ۽ سندس ٽيم جا فائيل ٺهڻ شروع ٿي ويا؟

اسلام آباد (ع آ نيوز) پنجاب جي وزير اعلي’مريم نواز جا فائيل هاڻي کان ئي ٺهڻ شروع ٿيا آهن. مريم نواز ۽ سندس ٽيم جي ڪرتوتن کي وائکو ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف ۽ شريف خاندان جي ٻين ڀاتين کي جدي مان کڻي ايندڙ جهاز کي اسلام آباد بدران لاهور ۾ لاٿو ويو هو، جنهن خلاف مسافرن احتجاج پڻ ڪيو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته جهاز کي اسلام آباد بدران لاهور ۾ لاهڻ جو فيصلو  ڪامورن ڪيو هو، جنهن تي وزيراعظم شهباز شريف سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

  • ڪراچي ايئرپورٽ واقعو:اي ايس ايف آفيسر هٽايو ويو

ڪراچي(م ڊ)ڪراچي ايئرپورٽ تي اي ايس ايف اهلڪار پاران ٻاهرين ملڪ کان ايندڙ مسافر جي معصوم ڌيءَ سان بدسلوڪي  جي جاچ مڪمل ٿي وئي آهي،اي ايس ايف متاثر خاندان کان معذرت ڪري ورتي آهي،ذريعن موجب ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) جي آفيسر خلاف جاچ تي ٻڌل رپورٽ ايوي ايشن ڊويزن کي موڪلي وئي آهي.ملوث سب انسپيڪٽر سبحان خلاف محڪماڻي قانونن تحت وڌيڪ سخت ترين ڪارروائي به جاري آهي، سبحان اي ايس ايف ۾ 35 سالن جي ملازمت مڪمل ڪري چڪو آهي ذريعن موجب هلندڙ سال 10 مارچ تي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اي ايس آفيسر معصوم ڇوڪري کي وارن کان پڪڙي هڪ پاسي اڇلائي ڇڏيو هو.ذريعن موجب اي ايس ايف اهلڪار سميت 2 اهلڪارن خلاف جاچ رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي،ان کان اڳ  اي ايس ايف ترجمان موجب معصوم نينگري کي  ايئرپورٽ تي وارن کان پڪڙي هيٺ ڦٽو ڪرڻ واري وڊيو هڪ سال پراڻي آهي. ڇوڪريءَ سان بدسلوڪي آفيسر جو انفرادي عمل هو، .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.