حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ وومين لائرس الائينس مطالبو ڪيو آھي ته عورتن جي قتل ۽ تشدد وارن واقعن کي روڪڻ بابت قانونن تي مڪمل عمل ڪرائي، واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ کي يقيني بنايو وڃي. ڪالھ سنڌ وومين لائرس الائينس پاران عورتن جي قتل، تشدد وارن واقعن خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن ۾ عورت ۽ مرد وڪيلن، سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سنڌ وومين لائرس الائينس جي چيئرپرسن ايڊووڪيٽ شازيا نظاماڻي ڳالھائيندي چيو تھ پاڪستان جي آئين موجب ھر شھري کي پنھنجي زندگي گذارڻ جو حق حاصل آھي حڪومت کي گھرجي ته عورتن جي قتل ۽ تشدد وارن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ قانون تي مڪمل عمل درآمد ڪرائي. وومين لائرس الائينس جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ روبينا چانڊيو چيو ته عورتن کي بيگناھ قتل ڪرڻ ۽ کين تشدد جو نشانو بنائڻ وارن واقعن کي ھاڻي وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگھجي، سنڌ ۾ عورتن تي تشدد بابت رپورٽ ٿيندڙ واقعا انتھائي ڀيانڪ آھن. احتجاج دوران ٻڌايو ويو ته گذريل ٽن مھينن جنوري کان مارچ تائين سنڌ ۾ 62 عورتن کي قتل، 24 عورتن تي جسماني تشدد ڪيو ويو جڏھن تھ 19 عورتن سان جنسي ذيادتي جا واقعا رپورٽ ٿيا ۽ 16 عورتن کي جنسي حراسان ڪري کين ذھني دٻاءَ جو شڪار بڻايو ويو. رپورٽ ٿيندڙ واقعن ۾ اڪثر ڪري متاثر عورتن جا پنھنجا ويجھا مائٽ ئي ملوث رھيا آھن، ان ڪري اسان مطالبو ڪريون ٿا ته عورتن جي قتل ۽ تشدد کي روڪڻ جي لاءِ ٺھيل قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي . ايڇ آر سي پي اڳواڻ غفرانا آرائين، سيما کوسو، عاليا بخشل، پشپا ڪماري، غفار پنڌراڻي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته حڪومت عورتن جي قتل ۽ تشدد وارن واقعن ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاريءَ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ پوليس کي پابند بڻائين ۽ رياست کي اھڙن ڪيسن ۾ پاڻ ڌر بڻجڻ گھرجي.