اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون:آءِ جي سنڌ

ڪراچي( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته اسٽريٽ ڪرائم جي انگن اکرن ۾ مختلف واقعا شامل ڪيا پيا وڃن، پوليس رينجرز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. نجي ٽي وي نيوز چينل سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته جيڪڏهن ڪو ڏوهه ٿيو آهي ته هو مڪمل جاچ چاهين ٿا. هن چيو ته پوليس ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن جن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته سمورو قصور پوليس جو ناهي. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ڪچي ۾ 15 مهينن دوران 529 ماڻهن کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو آهي ، ڌاڙيل اڳ واري علائقي ۾ هوندا هئا جتي پوليس نه وڃي سگهندي هئي. هن چيو ته پوليس رينجرز سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي، هنن ڪشمور شڪارپور ۾ به علائقن کي ڪليئر ڪيو آهي، هنن چيو ته هو چاهين ٿا ته نوگو ايريا ختم ٿين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.