جيڪب آباد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، پيرسن قتل

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) جيڪب آباد جي وچ شھر العباس پمپ ڀرسان ھٿياربندن ڪارنھن تڪرار تان فائرنگ ڪري 55  ورھين جو امان الله پٽ ساائينداد بھراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو،  ھٿياربندن مقتول امان الله بھراڻي کي ديدہ دليري سان سرعام 7 گوليون ھڻي فرار ٿي ويا، چيو پيو وڃي ته مقتول جو ڀائيٽو حفيظ الله بھراڻي 2 سال اڳ جوابدارن جي ناري انم کي کڻي ويو  ھو ، مقتول جي وارثن ٻڌايو ته جوابدارن لطف بھراڻي ۽ محمد علي بھراڻي فائرنگ ڪري حفيظ الله جي چاچي امان الله بھراڻي جيڪو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جيڪب آباد جو رھواسي آھي ان کي گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.