جسقم پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ ۽ بدامني خلاف 26 مئي تي سجاول ۾ ريلي جو اعلان

رتوديرو(پ ر) سنڌ جي ارڏي پٽ شهيد بشير خان قريشي جي 12 ورسي جو قومي جلسو شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي جلسي گاھ ۾ ٿيو، جلسي کان پهرين، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد مهيسر ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو ،اشرف ڪلهوڙو ،عزير شيخ جي اڳواڻي ۾ شهيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلام پيش ڪيو ويو، جڏهن ته شهيد جي جلسي کي  صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته شهيد بشير خان قريشي، سائين جي ايم سيد جو عاشق هو، تاريخ ضرور انصاف ڪندي، هن چيو ته  شهيد بشير خان قريشي پنهنجي جدوجهد ۽ ڪوششن سان سنڌ مان سوين قبيلائي جهڙا ۽ تڪرار ختم ڪرايا، اڄ اها ئي سنڌ قبيلائي جهيڙن، ڌاڙيل راڄ ۽ بدامني جي باھ ۾ سڙي رهي آهي، ماڻهن کي سرعام قتل ڪيو وڃي ٿو، اغوا ڪيو وڃي ٿو، ڪير به محفوظ ناهي، هن چيو ته سنڌ جي وسيلن سنڌو درياءُ ،سمنڊ، ٻيٽن ،جبلن، تيل ڪوئلي، گئس تي قبضو آهي، سنڌ جي قيمتي زمينن تي والار جو سلسلو جاري آهي، بحريا ٽائون جهڙا غير قانوني منصوبا جوڙي سنڌ ۾ غير قانوني ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، وسيلن سان مالا مال سنڌ، بک، بدلائي، بيروزگاري جو شڪار آهي، هن چيو ته  سنڌ ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ، بدامني، ڌاڙيل راڄ، وسيلن جي لٽ مار، زمين تي والار ۽ منشيات  خلاف 26 مئي تي سجاول ضلعي ۾ احتجاجي ريلي جو اعلان ڪيان ٿو، 25اپريل تي رهبر سنڌ سائين جي سيد جي 29 ورسي جي موقعي تي سن ۾ تاريخي جلسو ڪيو ويندو، جنهن جي سڄي سنڌي قوم کي دعوت ڏيان ٿو،هن  چيو ته منهنجي سنڌ جا وارثو شهيد جي ورسي جي موقعي تي سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ جي گُهر ڪيان ٿو ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ قتل عام کي روڪي سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪيو وڃي، پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪيو وڃي امجد خان مهيسر خطاب ڪندي چيو ته شهيد سنڌ هو جنھن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، مومن سمون خطاب ڪندي چيو ته شهيد بشير خان سنڌ جي عشق ۾ پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيو، ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته اڄ رتيديري جي سرزمين تي شهيد جي قاتلن تي ڦٽڪار ٿي رهي آهي،جلسي کي ڏاڍو اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو ،عزير شيخ ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته جلسي ۾ آصف مگسي، منور شيخ، اياز ڪورائي، غلام نبي کٽي، شبير شر، يعقوب عارباڻي سميت جسقم جي هزارين ڪارڪنن ۽ عاشقن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.