ريڙهي ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، سماجي اڳواڻ مارجي ويو

ملير (ڊ ر) ريڙهي ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، سماجي اڳواڻ مارجي ويو، هٿياربند فرار، خبر موجب: سکن ٿاڻي جي حد ريڙهي ڳوٺ ۾ موٽر  سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ علائقي جو ناليوارو سماجي اڳواڻ غلام نبي جت گوليون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته هٿياربند واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون، پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ياد رهي ته مقتول غلام نبي جت جو پٽ نور نبي جت پڻ ڪجهه مهينا اڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.