ڪوئيٽا(م ڊ) ڪوئيٽا ۾ بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل جي ميزباني ۾ 6 جماعتي اپوزيشن اتحاد جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل ۽ اپوزيشن ليڊر عمرايوب، پي ڪي ميپ جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي، مجلس وحدت المسلمين علامه ناصر عباس، جماعت اسلامي جي لياقت بلوچ، بي اين پي جي اڳواڻ ملڪ نصير شاهواڻي، اختر حسين لانگو، ثنا بلوچ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس کانپوءِ اختر مينگل، محمود خان اچڪزئي ۽ عمرايوب گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، عمر ايوب چيو ته فارم 47 جي حڪومت کي رد ڪريون ٿا، اسان هڪ ملڪ ٻه نظام ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، اپوزيشن جي تحريڪ جو صدر محمود خان اچڪزئي کي نامزد ڪري رهيا آهيون، جتي قانون جي پاسداري نه هجي اتي خوشحالي نٿي اچي، تحريڪ جو نالو تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان رکيو ويو آهي، اڄ تاريخي اجلاس ٿيو آهي،اپوزيشن اتحاد جا اڄ پشين ۽چمن ۾ جلسا ٿيندا،29 اپريل تي اتحاد جو لاهور ۾ اجلاس ٿيندو،سني اتحاد ڪائونسل جي حامد رضا چيو ته ڪنهن به اداري کي جمهوريت ۾ مداخلت جو حق ناهي، عام چونڊن ۾ مينڊيٽ چوري ڪيو ويو، حڪومت ڪيرائڻ ۽ ڊاهڻ جو سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي،هي تحريڪ وڏي تحريڪ طور ثابت ٿيندي، اختر مينگل چيو ته اسان کي ان جدوجهدکي منطقي انجام تائين پهچائڻو پوندو، ڪنهن به اداري جي مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي،اها تحريڪ 20 سال اڳ شروع ٿيڻ گهرجي ها، لياقت بلوچ چيو ته عوام کي ڀت سان لڳايو ويو، انهن جو مينڊيٽ تسليم نه ڪيو ويو،