گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون پيا : بلوچستان حڪومت

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڪميشن وٽ ڪيسن جو انگ هزارن ۾ نه آهي، ڪميشن پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڪميشن آڏو حقيقتون به آيون آهن، جنهن موجب  ڪجهه ماڻهو گم هئا. ترجمان چيو ته گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو ذميواري سان حل ڪرڻ ترجيحن ۾ شامل آهي، جيڪڏهن ڪو خاندان سمجهي ٿو ته سندن ماڻهو گم آهي ته هو ڪميشن سان رابطو ڪري سگهن ٿا. ترجمان چيو ته دهشتگردي جي ڪجهه واقعن ۾ اهڙا ماڻهو ملوث مليا جن جا نالا گم ٿيل ماڻهن جي لسٽ ۾ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.