اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اسلام آباد ھاءِ ڪوررٽ جي ججن واري ڪيس جي سماعت ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ٽٽي وئي.جسٽس يحيٰ آفريدي پاڻ کي بينچ کان الڳ ڪري ڇڏيو.ستن ججن تي ٻڌل لارجر بينچ عيد کان اڳ سماعت ڪندي آرڊر ڪيو ھو.جنھن ۾ ججن جا اختلافي نوٽ بھ آيا.جسٽس يحيٰ آفريدي نوٽ ۾ لکيو آھي تھ ھو سمجھي ٿو تھ ججن جي ھن معاملي کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ئي ٻڌڻ گھرجي.سڀني ججن کي اھو فيصلو ڪرڻ گھرجي تھ ججن تي پوندڙ پريشر کي ڪيئن حل ڪرڻ گھرجي ۽ ان بابت پاليسي جوڙي وڃي. جسٽس يحيٰ افريدي جو اھو بھ چوڻ ھو تھ اھو ھاءِ ڪورٽ جو اشو ھو جيڪو اتي ئي حل ٿيڻ گھرجي ھا، ھتي نھ اچڻ گھرجي ھا، پر جڏھن اچي ويو آھي تھ اھو سپريم جوديشل ڪائونسل ئي ۾ حل ڪرڻ گھرجي.ھاڻي جڏھن لارجر بينچ ٽٽي وئي آھي تھ سپريم ڪورٽ کي فوري نئين بينچ جوڙڻي پوندي يا وري فل بينچ جوڙڻي پوندي جتي سمورا جج اھو فيصلو ڪن.سوال ھي آھي تھ ان فل بينچ ۾ جسٽس يحيٰ آفريدي ويھندو يا نھ ؟ صحافي جاويد چوڌري جو چوڻ آھي تھ ججن جو اشو تمام وڏو آھي،ھن معاملي کي ائين ھوا ۾ نٿو اڏائي سگھجي پر ان جو ڪو سنجيدھ حل ڪڍڻو پوندو،ٻي ڳالھ ھي آھي تھ چيف جسٽس جي پوزيشن ڪافي متاثر ٿي چڪي آھي ڇاڪاڻ جو لارجر بينچ مان بھ ھڪ جج جدا ٿي ويو آھي.ھاڻي بھ جيڪڏھن لارجر بينچ يا فل ڪورٽ ۾ ڪي جج نٿا شامل ٿيڻ چاھين تھ ان سان سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ تقسيم سامھون اچي ويندي.جنھن سان ان جي ساک متاثر ٿيندي،سپريم ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ساک داءَ تي لڳل آھي،هن چيو ته جيڪڏھن عدالت ملڪ جي ايجنسين خلاف ڪو چٽو فيصلو ڪري ٿي تھ ان سان اسٽيبلشميٽ ۽ عدليھ يا سپريم ڪورٽ سان ڇڪتاڻ شروع ٿي ويندي.جنھن جو نتيجو ڪو بھتر نھ نڪرندو.جيڪڏھن چيف جسٽس ڪو سمجھوتو ڪري ٿو تھ عدليھ ۽ ملڪ جي لائرز وٽ سندس ساک ڊھي ويندي.ھي چيف جسٽس رٽائرڊ بھ ٿيڻ وارو آھي ڪو گھڻو عرصو عھدي تي نھ رھندو.ان حوالي سان چيف جسٽس جي صورتحال ڪافي حساس آھي.ان سان گڏ ان ڪيس ۾ حڪومت جي حالت بھ نازڪ آھي.جيڪڏھن حڪومت ايجنسين خلاف ٿيندي تھ رھي نھ سگھندي يا وري جيڪڏھن عدليھ سامھون ٿي ايندي تھ عدليھ بھ ان کي ساھ کڻڻ نھ ڏيندي.گڏوگڏ انھن ججن کي بھ ثابت ڪرڻو پوندو جن خط لکي ڪري جيڪي الزام ھنيا آھن. انھن ۾ ڪيتري حقيقت آھي.