لاهو (م ڊ ) لاهور جي علائقي غازي آباد ۾ ساهرن مبينا طور تي ننهن کي تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس واقعي جو ڪيس مقتولا سحر بانو جي ڀاءُ عمير علي کي مدعيت ۾ داخل ڪري ڇڏيو.ايف آءِ آر موجب مقتولا سحر بانو جي هڪ سال اڳ آصف سان شادي ٿي هئي، جوابدار آصف اڪثر پنهنجي زال کان ڪاروبار جي لاءِ 10 لک رپيا آڻڻ جو مطالبو ڪندو هو ۽ پئسا نه آڻڻ تي تشدد ڪندو هو.فريادي الزام لڳايو ته مقتولا سحر بانو جو سهرو عدبالرشيد ۽ مائٽ راشد به قتل ۾ ملوث آهن، پئسن جو مطالبو پورو نه ڪرڻ تي جوابدارن سحر بانو کي منصوبابندي تحت گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس عورت جي لاش کي پوسٽ مارٽم بعد مرده خاني منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.