اسلام آباد (م ڊ) ورلڊ بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ خوراڪ جي کوٽ ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته تعليم ۽ صحت جي سهولتن ۾ پڻ گهٽتائي آئي آهي. ورلڊ بئنڪ طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ان خدشي جو به اظهار ڪيو ويو آهي ته ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ خرچن سبب اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي تعداد ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي ۽ ماڻهن جو صحت مرڪزن ۽ مارڪيٽن تائين پهچ جو خرچ به وڌي ويو آهي. ان کان علاوه عالمي بئنڪ پڻ پاڪستان کي مسلسل لاڳت جي بحران جو شڪار ملڪن ۾ شامل ڪيو آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان جي 43 ضلعن ۾ خوراڪ جي وڏي کوٽ جو خدشو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ خوراڪ تمام گهڻي مهانگائي آهي، غريب خاندانن جي بجيٽ جو 50 سيڪڙو خوراڪ تي خرچ ٿي وڃي ٿو. ان مطابق خوراڪ جي کوٽ جو اندازو 29 سيڪڙو مان 32 سيڪڙو تائين پهچڻ جو اندازو آهي.