اتر وزيرستان ( م ڊ ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب 9 اپريل تي سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث 2 دهشتگرد مارجي ويا، جيڪي مختلف ڪيسن ۾ گهربل هئا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار هٿ ڪيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب علائقي مان ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري آهن جڏهن ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. ياد رهي ته ملڪ جي مختلف علائقن خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن کي نظر ۾ رکندي سڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جون ڪارروايون جاري آهن. ٻه ڏينهن اڳ سڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي ڪندي ٻن گهربل دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ۽ سندن قبضي مان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو هو.