مجيب الدين صحرائي وڌيڪ چار سالن لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام ورسٽي جو وي سي مقرر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، جيڪو صوبي جي سرڪاري يونيورسٽين جو چانسلر پڻ آهي، پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ کي 13 آگسٽ 2024 کان وڌيڪ چئن سالن لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي، ڪراچيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.گذريل ڏينھن يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ جي سيڪريٽري نور احمد سمون پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وڏي وزير سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ايڪٽ 2011 جي سيڪشن 13(1) ۽ سنڌ يونيورسٽيز اينڊ انسٽيٽيوٽز قانون (ترميمي) جي ايڪٽ 2018ع پاران ترميم ٿيل، تحت اختيار استعمال ڪندي اهڙو فيصلو سنڌ ايڇ اِي سي جي چيئرمين پاران موڪليل سمريءَ تي ڪيو. ياد رهي ته قانوني طور تي ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي مقرريءَ جي سمري ايڇ اي سي طرفان سنڌ جي وڏي وزير کي وائيس چانسلر جي مدت پوري ٿيڻ کان ڇهه مهينا اڳ موڪلي ويندي آهي.پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي کي 17 آگسٽ 2020ع کان سندس خدمتن ۽ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۾ ٻيهر مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ کيس سرچ ڪميٽي جي سفارش تي 13 آگسٽ 2020 تي سنڌ جي وڏي وزير مقرر ڪيو ويو، جنهن تحت هن 17 آگسٽ 2020 تي سنڌ مدرسه يونيورسٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ جي پهرين دور ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي هڪ معياري ۽ ڪامياب يونيورسٽي بڻجي اڀري آهي. ان دور ۾ هن جي ڪوششن سان يونيورسٽي جي پنهنجن وسيلن ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو ۽ بجيٽ کوٽ ۾ وڏي گهٽتائي آئي، ٻئي طرف سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي فيڪلٽي، انتظاميه ۽ ٻين عملي سنڌ جي وڏي وزير پاران ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي کي ٻئي مدي لاءِ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ واري فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي جي پهرئين دور ۾ سنڌ مدرسه يونيورسٽي ملڪ جي هڪ معياري ۽ ڪامياب درسگاهه طور اڀري سامهون آئي آهي، جڏهن ته هن جي ٻئي دور ۾ پڻ هيءَ تاريخي درسگاهه تمام گهڻي ترقي ڪندي ۽ ڪاميابي ماڻيندي، ٻئي پاسي مراد علي شاهه الله بخش يونيورسٽي آف آرٽ ڊيزائن اينڊ هيريٽيج ڄامشورو جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو کي يونيورسٽي آف صوفي ازم اينڊ ماڊرن سائنس ڀٽ شاهه جي وائس چانسلر جي عهدي جي اضافي چارج پڻ ڏئي ڇڏي آهي، ياد رهي ته يوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه جي وپائس چانسلر ڊاڪٽر پروين منشي کي ٻيو مدو به موڪل ٿي ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.