پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي: صنعان قريشي

حيدرآباد ( پ ر ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين  صنعان خان قريشي پنهنجي اباڻي شهر رتوديرو ۾ عيد شهيد بشير خان قريشي سان ملهائيندو، جڏهن ته "عيد شهيد سان "عيد جي ٽين ڏينهن تي شهيد بشير خان قريشي جي 12 ورسي جو قومي جلسو رتوديرو ۾ سندس مزار لڳ جلسي گاھ ۾ ٿيندو، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، شهيد جي مزار تي شام جو 6 وڳي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي مرڪزي قيادت امجد خان مهيسر ،مومن سمون، ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو سميت هزارين جسقم ڪارڪن سان گڏ حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهيندو، جڏهن ته رات جو 8 وڳي شهيد جي 12 ورسي جو تاريخي جلسو ڪيو ويندو، جنهن سڄي سنڌ مان شهيد جا عاشق قافلن جي صورت ۾ رتوديرو پهچندا، جڏهن ته مرڪزي پڌرائي ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته شهيد بشير خان قريشي جي ورسي جو ڏهاڙو سنڌ جي عاشقن جو قومي جلسو آهي، جنهن هزارين ماڻهو شريڪ ٿي شهيد کي قومي سلام پيش ڪندا آهن، هن چيو ته شهيد ساري ڄمار سائين جي ايم سيد جو فڪر کني واهڻ، وستي سنڌ، سنڌ ڪندو رهيو، هي سنڌ ۽ سيد جو سچو سپاهي ۽ عاشق هو، سنڌ هن کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، شهيد جي 12 ورسي جو جلسو عيد جي ٽين ڏينهن 12 اپريل تي ڪري رهيا آهيون، جنهن جي دعوت شهيد جي عاشقن، ساٿين سميت سڄي سنڌ کي شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو. جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ ديدار شام وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته صنعان خان قريشي چيو آهي ته ڪوٽڙي جي محمود شاھ ڪالوني ۾ 9 سالا معصوم نياڻي آسيه جو واقعو دهشت، وحشت جو لقاءُ آهي، پوليس اهڙن واقعن کي روڪڻ بدران ڪرائيم ۽ منشيات جو حصو بڻيل آهي، ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار آهن، ڏوھ وڌي رهيا آهن، سرڪار ڪٿي به نظر نٿي اچي، معصوم آسيه جي واقعي ۾ ملوث وحشي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ معصوم پريا ڪماري جا پيرا کڻي کيس بازياب ڪرايو وڃي، جيڪا سڄي سنڌ جي گُهر آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.