راضي ديري ڀرسان نينگري سان مبينا زيادتي جو ڪيس داخل، جوابدار جو دوست آزاد

راضي ديرو (رپورٽ: خالد حسين کهڙو ) راضيديرو ڀرسان ڳوٺ محبوب ڪلھوڙو ۾ نينگري سان مبينا زيادتي الزام ھيٺ آيل ھمراھ تي محبوب ڪلھوڙو ٿاڻي تي ڪيس داخل، ڳوٺ محبوب ڪلھوڙو ۾ 14 سال نينگري صنم  ڌي قائم علي ڪلهوڙو سان مبينا زيادتي ڪرڻ تي محبوب ڪلھوڙو پوليس امير بخش ڪلھوڙو تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جڏھن  ته ذريعن جو چوڻ آهي ته مبينا زيادتي ڪندڙ ھمراھ امير بخش ڪلھوڙو عرف راڻو کي سندس ساٿي سان گڏ پوليس ھڪ ھفتو اڳ گرفتار ڪري ورتو ھو، سندس ساٿي ڏيتي ليتيءَ بعد آزاد ٿي ويو، گرفتار جوابدار جي وارثن جي پوليس سان پئسن جي ڊيل ھلندڙ ھئي ڏيتي ليتي جي ڊيل نـ ٿيڻ تي ملزم تي ڪيس داخل ڪيو ويو ،  زريعن مان اھيو بـ معلوم ٿيو آھي ته  جوابدار امير بخش ڪلھوڙو جا نينگري صنم کانسواءِ ٻين عورتن سان بـ جنسي لاڳاپا ھئا ، جڏھن تـ نينگريءَ صنم پنھنجي ھڪ وڊيو بيان ۾ چيو آھي تـ منھنجو پيءُ قائم الدين مزدوري تي ھليو ويندو ۽ منھنجي ماءُ گھر کان ڪم سان پاڙي ۾ ويندي ھئي تـ تاڙ ۾ ويٺل اميربخش عرف راڻو مون سان زيادتي ڪندو ھو ، مون سان زيادتي ڪندڙ  کي سخت کان سخت سزا ڏئي مون سان انصاف ڪيو وڃي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.