سنڌ ۾ بيورو ڪريسي ۾ وڏي پيماني تي مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بيورو ڪريسي ۾ وڏي پيماني تي بدليون ۽ مقرريون، سنڌ جي بيورو ڪريسي ۾ وڏي پيماني تي مقرريون ۽ بدليون  ڪيون ويون آهن، ڪمشنر ڪراچي سوڌو مختلف کاتن جي سيڪريٽري کي تبديل ڪيو ويو آهي، سمورين مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت کي بدلي ڪري 21هين گريڊ جي آفيسر حسن نقوي کي ڪمشنر ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سليم راجپوت سيڪريٽري ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن مقرر ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب محمد مريد راهمون صوبائي اليڪشن اٿرٽي ميمبر ۽ حفيظ الله عباسي کي سيڪريٽري ليبر ۽ هيومن ريسورس هوندو، ، پوسٽنگ جي انتظآر ۾ ويٺل گريڊ 20جي آفيسر راجا خرم شھزاد عمر کي انوسٽمينٽ کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل گريڊ20 جي آفيسر حفيظ  الله عباسي کي سيڪريٽري ليبر اينڊ ھيومن ريسورسز مقرر ڪري شارق احمد سروسز کاتي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، چيف سيڪريٽري جي منظوري کانپوءِ سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي  نوٽفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.