ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني جي زال بشريٰ بي بي عيد جي موقعي تي عمران خان سان ملاقات کانپوءِ واپس بني گلا رواني ٿي وئي.
بشريٰ بي بي اڄ عيد جي موقعي تي عمران خان سان ملاقات لاءِ سخت سيڪيورٽي ۾ بني گالا کان اڊيالا جيل پهتي هئي.
جيل سامهون روڊ کي هڪ پاسي کان ٽريفڪ لاءِ مڪمل بند ڪيو ويو هو.
ٻنهي زال مڙس وچ ۾ ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي جنهن کانپوءِ بشريٰ بي بي بني گالا رواني ٿي وئي.
ٻئي پاسي اڊيالا جيل جي در ويجهو وڊيو ٺاهڻ تي پوليس پنجن پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي حراست ۾ ورتو.