فلم پريميئر تي مهوش حيات جي همايون کي ڀاڪر پائڻ واري وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مهوش حيات عيد جي موقعي تي رليز ٿيندڙ پنهنجي رومانوي ڪاميڊي فلم دغاباز دل جي پريميئر دوران جاويد شيخ ۽ همايون سعيد کي ڀاڪر پاتا، اهڙي وڊيو وائرل ٿي وئي.

ميگا ڪاسٽ فلم دغاباز دل جو پريميئر گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ٿيو هو جنهن ۾ فلم جي سموري ڪاسٽ ۽ ٻي ٽيم شرڪت ڪئي.

پريميئر ۾ ياسر حسين، اقرا عزيز، شهروز سبزواري، صدف ڪنول، يشما گل ۽ مهوش حيات جي ڀيڻ افشين حيات سميت ٻين شرڪت ڪئي.

مهوش حيات تقريب دوران ساٿي فنڪارن کي چنڊ رات تي عيد جون واڌايون ڏيندي نظر آئي.

تقريب دوران مهوش حيات جاويد شيخ ۽ همايون سعيد کي ڳلي لڳايو، اهڙي وڊيو تي واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

هڪ واهپيدار لکيو ته ڪو اداڪار ڀاڪر پائڻ کان رهجي ته ناهي ويو؟

 

View this post on Instagram

 

A post shared by ShowbizShowsha (@showbizshowsha)

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.