عيد جي موقعي تي ٽرينن جي ڪراين ۾ گهٽتائي کانپوءِ پيهه لڳي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان عيد جي موقعي تي ٽرينن جي ڪراين ۾ 25 سيڪڙو رعايت جي اعلان کانپوءِ ڪراچي ۾ مسافرن جي پيهه لڳي وئي.

ڪينٽ اسٽيشن تي مسافرن جي رش لڳي وئي، گهڻا مسافر مايوس ۽ پريشان نظر آيا ڇو ته ٽڪيٽن جي ايڊوانس بڪنگ ناهي ٿي رهي.

ٽرين ٽڪيٽن جي ايدوانس بڪنگ نه ٿيڻ تي شهرين شڪايتون ڪيون ۽ کوڙ مسافر گهر موٽي ويا.

مسافرن جو چوڻ هو ته ڪرايا ته سستا ڪيا ويا پر ايڊوانس بڪنگ جو به نظام هجڻ گهرجي ها.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.