شوبز شخصيتن پاران مداحن کي عيد مبارڪون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شوبز، فيشن ۽ ميوزڪ سميت ٻين شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن عيد الفطر جي موقعي تي مداحن کي پيار جا پيغام موڪليا ۽ کين مبارڪباد ڏني.

شوبز جي اڪثر شخصيتن مداحن کي مبارڪون ڏنيون ۽ پنهنجي خاندان ۽ ٻارن سان گڏ نيون تصويرون شيئر ڪيون.

اداڪار بلال قريشي انسٽاگرام تي پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ تصويرون شيئر ڪندي مداحن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون.

ڪبريٰ خان به پنهنجي تصوير شيئر ڪئي ۽ پنهنجي مداحن کي عيد الفطر جون مبارڪون ڏنيون.

ڳائڻي ۽ اداڪارا حديقہ ڪياني به انسٽاگرام تي پنهنجي تصوير شيئر ڪندي مداحن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون.

سينيئر اداڪارن سميت نوجوان اداڪارن به انسٽاگرام، ٽوئيٽر ۽ فيس بڪ تي مداحن کي مبارڪون ڏنيون.

اداڪارا صبور علي به عيد جي موقعي تي خوبصورت لباس ۾ تصوير شيئر ڪندي پنهنجي مداحن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون.

اڀرندڙ اداڪارا ڪنزا هاشمي به مداحن کي مبارڪون ڏنيون.

مشهور اداڪارا صبا قمر به عيد جي موقعي تي هڪ وڊيو شيئر ڪري مداحن کي مبارڪباد ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.