ايڊيشنل آءِ جي چيو آهي ته جوابدار ڪراچي ۾ شاپنگ ڪرڻ اچن ٿا: ميئر ڪراچي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايڊي4شنل آءِ جي چيو آهي ته جوابدار ڪراچي ۾ شاپنگ ڪرڻ ايندا آهن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ان ۾ افغانستا، ڪي پي ۽ ٻين علائقن مان ماڻهو اچن ٿا، گذريل گهرو وزير کان سوال ڪريو، اسٽريٽ ڪرائم ڇو وڌيا، لاهور ۾ به ڏوهه ٿي رهيا آهن.

مرتضيٰ وهاب چيو ته ماضي ۾ هتي ڦيٿو جام هڙتال، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتا خوري هئي، فيڪٽرين ۽ دڪانن کي ساڙيو ويندو هو، سنڌ حڪومت آپريسن ڪيو.

ميئر ڪراچي چيو ته ڪراچي دنيا جي خطرناڪ شهرن ۾ پنجين نمبر تي هو، ڪراچي آپريشن کانپوءِ ڪراچي 132هين نمبر تي هليو ويو.

سندس چوڻ هو ته وڏي وزير ادارن کي ان بابت ٻڌايو آهي جوابدارن لاءِ اي ٽيگ جو قانون پاس ٿي چڪو آهي، عادي جوابدار کي ضمانت جي وقت اي ٽيگ لڳايو ويندو.

سندس چوڻ هو ته پوليس آفيسر ٽرانسفر پوسٽنگ لاءِ انهن ئي وزيرن وٽ ويندا آهن، اها ڳالهه شرمناڪ آهي، پوليس ۾ سياسي مداخلت آهي، پوليس جو ڪم آهي امن امان قائم ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.