وزيراعظم جا عالمي مسلمان اڳواڻن سان رابطا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان، قطر جي امير تميم بن حمد الثاني، قطر جي وزيراعظم، ترڪ صدر رجب طيب اردگان، عمان جي سلطان هشام بن طارق ۽ آذربائيجان جي صدر سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.

وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي برادر ملڪن جي اڳواڻن کي عيد الفطر جي مبارڪباد ڏيندي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

ان موقعي تي مسلم اڳواڻن پاران بنيادي قومي مفادن تي هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي شهباز شريف مسلمان اڳواڻن سان فلسطيني عوام تي اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ والاريل ڪشمير جي معصوم مسلمانن تي جاري ظلم جي خاتمي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي.

وزيراعظم شهباز شريف مسلم اڳواڻن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.