آرمي چيف مورچن تي فوجي جوانن سان عيد ملهائي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ميرانشاهه ۽ اسپن وام ۾ فوجي جوانن سان عيد ملهائي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف اڳين مورچن تي جوانن سان عيد جي نماز پڙهي ۽ جوانن سان پاڪستان جي جٽادار استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون.

آرمي چيف جوانن کي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ قوم لاءِ سندن جذبي ۽ خدمتن جي ساراهه ڪئي.

آرمي چيف کي آپريشنل تياريون ۽ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ پاڪ افغان سرحد سان سرحدي حفاظتي اپائن تي بريفنگ ڏني وئي.

آرمي چيف قربانين مان حاصل ٿيل امن جي حفاظت لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته وڏين قربانين سان حاصل امن کي برقرار رکڻ سڀني جي ذميواري آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف امن لاءِ فارميشن جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.