سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي.

عيد نماز جي ميڙاڪن ۾ پاڪستان جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي سميت مسلمانن جي ٻڌي لاءِ دعائون گهريون ويون.

ڪراچي جي پولو گرائونڊ ۾ عيد جي نماز جو اجتماع ٿيو، گورنر سنڌ ۽ ميئر ڪراچي سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف عيد الفطر جي موقعي تي پنهنجا ڌار ڌار پيغام ڏنا ۽ قوم تي زور ڏنو ته هو فراخ دلي جو مظاهرو ڪندي معاشري جي ضرورتمند ۽ مستحق ماڻهن کي پنهنجي خوشين ۾ شريڪ ڪن.

عيد جي موقعي تي صدر جو پيغام

صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ عيدالفطر جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلمانن کي مبارڪون ڏنيون، هن چيو ته عيدالفطر معاشري جي محروم طبقن کي خوشين ۾ شامل ڪرڻ ۽ ساڻن ايڪي جو اظهار ڪرڻ جو ڏينهن آهي.

سندس چوڻ هو ته روزاني جي زندگي ۾ اسان کي برداشت ۽ ڀائيچاري جو مظاهرو ڪندي هڪ مضبوط ۽ متحده قوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، سماجي معاشي انصاف ۽ گڏيل اتحاد کي يقيني بڻائڻ گهرجي.

پاڪستاني قوم طرفان هن غزا ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم مسلمانن سان ايڪي جو اظهار ڪيو.

آصف علي زرداري عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو غزا ۾ فوري امن ۽ فلسطينين لاءِ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائي.

هن چيو ته پاڪستان تڪراري ڪشمير کي گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي اميدن موجب حل ڪرڻ لاءِ ڪشميرين جي اخلاقي سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.

وزيراعظم جو عيد جي موقعي تي پيغام

وزيراعظم محمد شهباز شريف لاهور ۾ عيد الفطر جي نماز ادا ڪئي.

وزيراعظم ملڪ ۽ قوم جي ترقي سميت مسلمانن جي ايڪي لاءِ دعا ڪئي، عيد نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ هو ماڻهن سان عيد مليو.

وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي عيد جون مبارڪون ڏيندي چيو ته عيد، همدردي، ڀائيچاري، سخاوت ۽ معاشري ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ رنجشون وساري گڏجڻ جو نالو آهي، قوم کي اپيل آهي ته مهانگائي ۽ ملڪي معاشي حالتن کي ڏسندي سرندي وارا ماڻهو ڀرپاسي جي معاشي ڪمزور ماڻهن کي پنهنجي خوشين ۾ شامل ڪن.

پاڪ فوج پاران وطن واسين کي عيد مبارڪون

پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ جي سڀني شهرين کي عيد جون مبارڪون ڏنيون آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري پاران هڪ پيغام ۾ چيو ويو آهي ته هڪ سپاهي لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ عيد پنهنجي پيارن ۽ خوشين جي تهوار کان پري رهندي وطن جي سرحدن تي خدمتون انجام ڏيندي قوم جي حفاظت تي فخر ڪرڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.