ن ليگ جو سيدال خان ناصر مزاحمت جي سياست تي يقين رکندڙ

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) سينيٽ چيئرمين جي سيٽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي ڏني،اتي ٻئي طرف ڊپٽي چيئرمين  جي سيٽ هڪ ڊگهي عرصي تائين وفادار رهندڙ  ساٿي کي ڏني، جنهن کي شايد ئي ڪو سڃاڻيندو هجي.سينيٽ جو نئون چونڊيل ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر ملڪي سياسي منظرنامي تي نسبتاً اڻ ڄاتل آهي، پر 1990ع واري ڏهاڪي کان پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو آهي.هن 1996ع ۾ پارٽي جي شاگرد ونگ ”مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن“ (MSF) جي ڪوئيٽا چيپٽر ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ 2002ع تائين اتي رهيو، پهرين مرڪزي جنرل سيڪريٽري ۽ پوءِ صوبائي صدر ٿيو.ايم ايس ايف ۾ پنهنجي دور ۾ سعد رفيق گروپ جي سرگرم ميمبر طور سڃاتو ويندو هو.هن 2002ع ۾ مسلم ليگ (ن) ۾ باضابطا شموليت اختيار ڪئي ۽ صوبائي سطح تي مختلف عهدن تي رهيو، آخرڪار پارٽي جي صوبائي چيپٽر جو جنرل سيڪريٽري ٿيو.سيدال خان لڳ ڀڳ 20 سالن تائين بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽي جو حصو پڻ رهيو آهي.بلوچستان ۾ ثناءُ الله زهري جي حڪومت دوران هن وڏي وزير جو خاص مددگار طور ڪم ڪيو.پارٽي حلقن جو چوڻ آهي ته سيدال خان ناصر پارٽي جي انهن ڪارڪنن مان آهي، جيڪي ’مزاحمت‘ جي سياست ۾ يقين رکن ٿا.هن کي مسلم ليگ ن جي انهن چند اڳواڻن مان به سڃاتو وڃي ٿو جن 1999ع ۾ بغاوت کانپوءِ احتجاج ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.