يوسف رضا گيلاني جو ضلعي ڪائونسل کان چيئرمين سينيٽ بڻجڻ جو سفر

اسلام آباد(م ڊ) يوسف رضا گيلاني جڏهن 2021ع  ۾ سپريم ڪورٽ پاران وزيراعظم طور نااهل قرار ٿيو ته گهڻن مبصرن جو خيال هو ته هن جو سياسي ڪيريئر وڌيڪ اڳتي نه وڌي سگهندو، پر 12 سالن کانپوءِ هو ملڪ جي اهڙي پهرين سياسي شخصيت بڻجي ويو آهي جيڪو پنهنجي ڪيريئر ۾ ملڪ جو وزيراعظم، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جهڙن ٽن وڏن عهدن تي مقرر رهيو هجي، بي بي سي موجب اهو ٻيو موقعو آهي ته يوسف رضا گيلاني سينيٽ جي چيئرمين شپ جو اميدوار هو، ان کان اڳ 2021ع ۾ کيس ان وقت جي متحده اپوزيشن پي ڊي ايم اميدوار نامزد ڪيو هو پر صادق سنجراڻي هٿان کيس شڪست ٿي هئي،ملڪ جي اڳوڻي صدر جنرل  ضيا الحق جي آمريت ۾ عملي سياست جي شروعات ڪندڙ گيلاني ماضي ۾ پاڪستان جو 18هون وزيراعظم رهي چڪو آهي، 2012ع ۾ سپريم ڪورٽ کيس پنهنجي دور  جي پنجين سال ۾ برطرف ڪيو هو، ملتان جي هڪ بااثر خاندان سان تعلق رکندڙ مخدوم يوسف رضا گيلاني 9 جون 1952ع تي ڏکڻ پنجاب جي جاگيردار پير گهراني ۾ پيدا ٿيو،يوسف رضا گيلاني 1976ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان صحافت ۾ ايم اي ڪئي.هن عملي سياست جي شروعات 1978ع ۾ ڪئي جڏهن هو مسلم ليگ جي سينٽرل ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1982ع ۾ فيڊرل ڪائونسل جو ميمبر ٿيو.يوسف رضا گيلاني 1983ع ۾ ضلعي ڪائونسل جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ پيپلز پارٽي جي موجوده اڳواڻ سيد فخر امام کي شڪست ڏئي ضلعي ڪائونسل ملتان جو چيئرمين چونڊيو ويو.هن 1985ع ۾ ان وقت جي فوجي حڪمران جنرل ضياءُ الحق جي غير جماعتي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ کيس وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي ڪابينا ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات ۽ بعد ۾ ريلوي جو وزير بڻايو ويو.1988ع ۾ هن پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ ساڳئي سال جي عام چونڊن ۾ هن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي مخالف ميان نواز شريف کي شڪست ڏني، جيڪو 4 سيٽن تي اميدوار هو. يوسف رضا گيلاني 1990ع جي چونڊن ۾ ٽيون ڀيرو اسيمبلي جو ميمبر بڻيو ۽ 1993ع ۾ صدر غلام اسحاق خان پاران اسيمبلي ٽوڙڻ کانپوءِ کيس نگران وزيراعظم بلخ شير مزاري جي نگران ڪابينا ۾ ميونسپلٽيز جو قلمدان ڏنو ويو1993ع جي چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني چوٿون ڀيرو اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ بينظير ڀٽو جي دور حڪومت ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ٿيو. هن پنهنجي اسپيڪر شپ دوران وقتي صدر جا فرض به سرانجام ڏنا.گذريل چونڊن ۾ ڪاميابي جي باوجود يوسف رضا گيلاني فيبروري 1997ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ ناڪام ٿيو.نيب يوسف رضا گيلاني خلاف سياسي ڪيريئر دوران اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزام ۾ ريفرنس داخل ڪيو ۽ سيپٽمبر 2004ع ۾ راولپنڊي جي احتساب عدالت يوسف رضا گيلاني تي قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ 300 ملازمن کي غيرقانوني طور ڀرتي ڪرڻ جو الزام لڳائيندي کيس 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي. پر 2006 ۾ يوسف رضا گيلاني کي عدالتي حڪم تي آزاد ڪيو ويو.يوسف رضا گيلاني اڊيالا جيل ۾ قيد دوران پنهنجي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب ”چاه يوسف سي  صدا“ پڻ لکيو.فيبروري 2008ع جي چونڊن ۾ ملتان مان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي پنجون ڀيرو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. انهن چونڊن کان پوءِ شروعاتي طور تي يوسف رضا گيلاني کي وزارت عظميٰ لاءِ مضبوط اميدوار سمجهيو پيو وڃي ۽ احمد مختار جو نالو به پنجاب مان ممڪنه اميدوار طور خبرن ۾ هو.بهرحال، پاڪستان پيپلز پارٽي کيس 22 مارچ 2008ع تي ملڪ جو نئون وزيراعظم نامزد ڪيو. ان کان هڪ ڏينهن پوءِ 24 مارچ تي نئين چونڊيل قومي اسيمبليءَ يوسف رضا گيلاني کي نئون قائد ايوان چونڊيو ۽ 26 مارچ تي هن عهدي جو حلف کنيو ۽ هو چار سال، هڪ مهينو ۽ هڪ ڏينهن ان عهدي تي رهيو. يوسف رضا گيلاني جي حڪومت ۽ ملڪ جي عدليه چئن سالن جي اقتداري دور ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداري جي خلاف ڪيس کولڻ لاءِ سوئس اختيارين کي خط لکڻ جي معاملي تي ڇڪتاڻ جو شڪار رهي ۽ سپريم ڪورٽ جي ان حڪم تي عمل نه ڪرڻ هن  اقتدار جي خاتمي جو سبب بڻيو.پنهنجي نااهليءَ دوران، هو فعال سياست کان گهڻو پري رهيو، پر سندس خاندان جا ميمبر چونڊن ۾ اميدوار طور سامهون آيا. هن نااهلي جو مدو ختم ٿيڻ بعد 2018ع جي چونڊن ۾ حصو ورتو. هو ملتان جي تڪ اين اي 158 تان پي ٽي آءِ جي محمد ابراهيم خان هارائي ويو.2021ع جي سينيٽ چونڊن ۾ حڪمران پارٽي جي اميدوار ۽ ناڻي واري وزير حفيظ شيخ کي شڪست کانپوءِ يوسف رضا گيلاني پهريون ڀيرو سينيٽ ميمبر چونڊجي ويو ۽ مخالف ڌر گڏيل طور تي کيس سينيٽ چيئرمين جو اميدوار نامزد ڪيو.8 فيبروري 2024ع تي اليڪشن کٽڻ کانپوءِ يوسف رضا گيلاني قومي اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کنيو ۽ سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، پر بعد ۾ هن ساڳئي سيٽ تي ٻيهر سينيٽ اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ پوءِ ڪاميابي سان سينيٽر بڻجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.